لاهور: (ويب ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان روڪي ڇڏيو.ايندڙ مهيني آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اڄ قومي ٽيم جو اعلان ٿيڻو هو. جڏهن ته هاڻ اطلاع آهن ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي قومي ٽيم جو اعلان روڪي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب، محسن نقوي قومي ٽيم جي سليڪشن جي عمل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي رانديگرن جي نالن تي ڪو اعتراض ناهي پر باظابطا گڏجاڻيون نه ٿيڻ تي هن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان معاملي تي محسن نقوي خط ذريعي سليڪشن ڪميٽي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيم جي چونڊ لاءِ ڪنهن به اجلاس جي ڪارروائي جا منٽس محسن نقوي تائين نه پهچايا ويا جنن هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي.ذريعن موجب، جيستائين سليڪشن واري عمل جا سمورا مرحلا مڪمل نه ڪيا ويندا تيستائين ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان نه ڪيو ويندو.
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل
آئيني بئنچ جي مدي ۾ 6 مهينا واڌ، جڊيشل ڪميشن رولز جي به منظوري
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار