هاردڪ پانڊيا ۽ سندس زال طلاق جي تصديق ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ميڊيا ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان هاردڪ پانڊيا ۽ سندس گهرواري ۽ سربيائي اداڪارا نتاشا اسٽينڪووڪ وچ ۾ طلاق جي تصديق ڪري ڇڏي.ڀارتي ميڊيا ويب سائيٽس ڪرڪيٽ ون ۽ فلم منتر ميڊيا موجب هاردڪ ۽ سندس زال ۾ طلاق ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪرڪيٽر جي 70 سيڪڙو ملڪيت هاڻي اڳوڻي زال نتاشا کي منتقل ڪئي ويندي.’ڪرڪيٽ ون’ جو چوڻ آهي ته گذريل هفتي دوران هاردڪ پانڊيا ۽ نتاشا اسٽانڪووچ جي وچ ۾ ڌار ٿيڻ بابت ڪيتريون ئي افواهون هيون.ڪرڪيٽ ون دعويٰ ڪئي آهي ته جوڙي بابت تازيون رپورٽون سامهون آيون آهن ته پانڊيا ۽ سندس سربيائي زال هڪ ٻئي کان طلاق وٺڻ کانپوءِ باضابطه طور تي الڳ ٿي ويا آهن.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب طلاق کانپوءِ هاردڪ جي 70 سيڪڙو ملڪيت جي مالڪ هاڻي سندس اڳوڻي زال بڻجي ويندي.ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا ’اوڊيشا ٽي وي ڊاٽ ان‘ جي رپورٽ موجب طلاق جو فيصلو هاردڪ جو آهي، هو پنهنجي زال نتاشا کان الڳ ٿيڻ چاهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو