اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اٽارني جنرل آف پاڪستان گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ عدالت کي سمورن ماڻهن جي واپسي جو يقين ڏياريو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 4 صفحن تي ٻڌل لکت وارو حڪم جاري ڪيو، جنهن ۾ اٽارني جنرل پاران گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڏنل ضمانت کي به حڪم جو حصو بڻايو ويو آهي،عدالتي حڪم موجب اٽارني جنرل رمارڪس ۾ چيو ته جيڪو به گم ٿي ويندو هو پنهنجي خاندان وٽ ضرور ايندو. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل رياست ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان عدالت کي يقين ڏياريو آهي ته جبري گمشدگين بابت وزارتي ڪميٽي سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن.ڪابينا کان منظوري کانپوءِ سفارشون عدالت ۾ پيش ڪيون وينديون.عدالتي حڪم موجب ڊي جي آءِ بي اٽارني جنرل ذريعي گم ٿيل ماڻهن بابت ڳجهن ادارن جي ڊي جيز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي، جيڪا منظور ڪئي وئي. ڪميٽي ۾ ايف آءِ اي ۽ سي ٽي ڊي کي به شامل ڪري سگهجي ٿو، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، آءِ بي پنهنجي ٻئي اعليٰ سطحي آفيسرن کي ڪميٽي جو ميمبر بڻائي سگهن ٿا جڏهن ته ڪميٽي ۾ ايف آءِ اي ۽ سي ٽي ڊي جا آفيسر به شامل ٿي سگهن ٿا. حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل موجب گم ٿيل ماڻهن جو معاملو سياسي حل جي ضرورت آهي. درخواستگذار جي وڪيل ايمان مزاري اٽارني جنرل کي 3 گم ٿيل شاگردن جي لسٽ ڏني، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي 3 گم ٿيل شاگردن بابت آگاهه ڪرڻ جي اميد رکي.هاءِ ڪورٽ جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل يقين ڏياريو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي جي مستقل حل لاءِ اعليٰ سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي.
سيڪيورٽي ۾ غفلت، ڊي سي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد عهدن تان برطرف
بلاول ڀٽو جي مولانا سان ملاقات، ڪجهه آئيني ترميمن تي اتفاق
ارسا قانون ۾ ترميمن خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو: راشدي
ڪارساز حادثي جي جوابدار عورت جي درخواست ضمانت تي ڌريون طلب
قبرستان جي زمين تان انڪروچمينٽ هٽائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم
يوٽيوب ۾ نئين تبديلي واهپيدارن کي بيزار ڪرڻ لڳي
سمورين گاڏين رجسٽريشن يا ٽرانسفر بائيو ميٽرڪ ذريعي ٿينديون
مودي جو عيد ميلاد النبي صلعم جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام
آئيني ترميم جو مقصد صرف مون کي جيل ۾ رکڻ آهي،عمران خان
آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل
ميروخان مان نوجوان لاپتا،پوليس تحرڪ نه ورتو،وارثن جو احتجاج
ملڪ جي رخ جو تعين چيف جسٽس نه پر پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي
مولانا فضل الرحمان جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريان ٿو
ڪوئيٽا: پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ووٽنگ جو حڪم
ڊيوس ڪپ، پهرين مرحلي ۾ پاڪستان کي شڪست
چوري ٿيل پينٽنگس جي ڪهاڻي ۾ نئون موڙ، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم
غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف برطانيه ۾ وڏو احتجاج،جنگبندي جو مطالبو
جوڙ توڙ ويهڪون ناڪام،آئيني ترميمون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي
تجويز ڪيل آئيني ترميم پيش نه ٿيون، سينيٽ اجلاس ملتوي
ليڪ ٿيل ڊرافٽ موجب ان سان ڪو به اتفاق نٿو ڪري سگهي