اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجلي جي لوڊ مينجمينٽ ۽ بجلي چوري روڪڻ جي معاملي تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ توانائي واري وزارت بجلي چوري ۽ لوڊشيڊنگ تي گڏيل طور تي بريفنگ ڏني.اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صرف خساري ۾ هلندڙ فيڊرز تي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. جنهن تي وزيراعظم چيو ته بجلي جي چوري کي روڪڻ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي اهي پنهنجي ذميواري پوري ڪن ۽ عوام کي رليف ڏين، بجلي جي چوري ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. بجلي چوري جي خلاف مشن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين ۽ بجلي چوري جو مڪمل خاتمو ڪنداسين.اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم چيو ته ذاتي طور تي بجلي جي چوري کي روڪڻ ۽ اڳڀرائي جو ماهوار جائزو وٺندس. صوبائي حڪومتون قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بجلي چوري مهم ۾ مدد ڪن، بجلي چوري جي خلاف سمورا حڪومتي ادارا پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان نڀائين بجلي جي اوور بلنگ قطعي طور تي نه ٿيڻ گهرجي.اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سان ٿيندڙ ملاقات ۽ ان جي طرفان ڪي پي ڪي ۾ بجلي چوري روڪڻ جو يقين ڏيارڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ان اڳڀرائي جي تعريف ڪئي.اجلاس دوران وزيراعظم اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته گرمي جي شدت سبب عوام کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ان ڪري نقصان ۾ هلندڙ فيڊرز تي به لوڊشيڊنگ جو ٽائيم گهٽ ڪيو وڃي.
پنجاب ۾ دهشتگردن جون ڪارروايون ناڪام، 16 ڄڻا گرفتار
100 انڊيڪس 1 لک 17 هزار پوائنٽس کان وڌي ويو
پاڪستان ۾ صنعتي ترقي منجمد ٿي چڪي: مزمل اسلم
غزه جنگ تي اسرائيلي وزيراعظم سان سان سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي
نيوزيلينڊ انگلينڊ کي آخري ٽيسٽ ۾ 423 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
سڪندر جو ٽيزر سلمان خان جي سالگرهه تي رليز ڪرڻ جو اعلان
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سول نافرماني جي تحريڪ
سنڌيار سکر 17 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 17 ڊسمبر 2024ع
ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اهم پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو فيصلو
ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟
اعجاز ميمڻ ’سي پي جي ايم پي‘ جو چيئرپرسن مقرر
آمريڪا ۽ ڪئنادا جي سنڌين جي تنظيم ’سانا‘ جا نوان عهديدار
گنڊاپور کي عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي ، انتظار کان پوءِ روانو
ڪو وي پي اين بلاڪ ناهي ڪيو ۽ نه ڪنداسين: پي ٽي اي چيئرمين
پراڻي دشمني تان فائرنگ، 14 ورهين جو نينگر مارجي ويو
حڪومت ڳالهين ۾ سنجيده آهي ته اسان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون
پيپلزپارٽي جمهوريت جو راڳ الاپيندي ٿڪبي نه آهي: حيدري
پنجاب کي سڄي دنيا لاءِ واپار ۽ سرمائيڪاري جو مرڪز بنائينداسين
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان