شيچانگ (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جو ٻيو مواصلاتي سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون اڄ خلا ۾ موڪليو ويو. سيٽلائيٽ چين جي شيچانگ سيٽلائيٽ لانچ سينٽر مان لانچ ڪيو ويو، پنج ٽن وزني سيٽلائيٽ جديد مواصلاتي سامان سان ليس آهي.اسپارڪو جي ترجمان موجب پاڪستان جي سيٽلائيٽ مان طويل ترين انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، سيٽلائيٽ کي زمين کان 36 هزار ڪلوميٽر جي بلندي تي خلا ۾ داخل ڪيو ويندو.سيٽلائيٽ کي ڌرتيءَ کان خلا تائين پهچڻ ۾ ٽي کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا، هي سيٽلائيٽ اي ڪامرس، اي-گورننس ۽ اقتصادي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.پاڪ سيٽ ايم ايم ون 15 سالن تائين ڪم ڪندو، پاڪ سيٽ ايم ايم ون ٽي وي براڊڪاسٽنگ، سيلولر فون ۽ براڊ بينڊ سروس کي بهتر بنائڻ ۾ مدد ڪندو.پاڪ سيٽ ايم ايم ون هن سال آگسٽ ۾ سروس شروع ڪندو، پاڪ سيٽ ايم ايم ون بينڊ ۾ 10 گيگا بائيٽ في سيڪنڊ جي گنجائش رکي ٿو.پاڪستان وٽ هن وقت خلا ۾ 2 ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ آهن
سيڪيورٽي ۾ غفلت، ڊي سي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد عهدن تان برطرف
بلاول ڀٽو جي مولانا سان ملاقات، ڪجهه آئيني ترميمن تي اتفاق
ارسا قانون ۾ ترميمن خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو: راشدي
ڪارساز حادثي جي جوابدار عورت جي درخواست ضمانت تي ڌريون طلب
قبرستان جي زمين تان انڪروچمينٽ هٽائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم
يوٽيوب ۾ نئين تبديلي واهپيدارن کي بيزار ڪرڻ لڳي
سمورين گاڏين رجسٽريشن يا ٽرانسفر بائيو ميٽرڪ ذريعي ٿينديون
مودي جو عيد ميلاد النبي صلعم جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام
آئيني ترميم جو مقصد صرف مون کي جيل ۾ رکڻ آهي،عمران خان
آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل
ميروخان مان نوجوان لاپتا،پوليس تحرڪ نه ورتو،وارثن جو احتجاج
ملڪ جي رخ جو تعين چيف جسٽس نه پر پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي
مولانا فضل الرحمان جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريان ٿو
ڪوئيٽا: پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ووٽنگ جو حڪم
ڊيوس ڪپ، پهرين مرحلي ۾ پاڪستان کي شڪست
چوري ٿيل پينٽنگس جي ڪهاڻي ۾ نئون موڙ، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم
غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف برطانيه ۾ وڏو احتجاج،جنگبندي جو مطالبو
جوڙ توڙ ويهڪون ناڪام،آئيني ترميمون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي
تجويز ڪيل آئيني ترميم پيش نه ٿيون، سينيٽ اجلاس ملتوي
ليڪ ٿيل ڊرافٽ موجب ان سان ڪو به اتفاق نٿو ڪري سگهي