راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آذربائيجان جو پرڏيهي وزير جيهون بيراموف جي ايڇ ڪيو راولپنڊي پهتو، جتي هن آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران علائقائي امن ۽ استحڪام سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان جا آذربائيجان سان پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، آذربائيجان جو پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ ڀائيواري جو خواهشمند آهيون،جنرل عاصم منير دفاع ۽ سڪيورٽي جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ملڪ جي غير متزلزل عزم کي ورجايو.آرمي چيف جنرل عاصم منير آذربائيجان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ بهادري کي ساراهيو.ملاقات ۾ آذربائيجان جي پرڏيهي معاملن واري وزير جيهون بيراموف به پاڪستان جي آذربائيجان جي مسلسل حمايت جي واکاڻ ڪئي.آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف به علائقائي استحڪام ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪيو.
سيڪيورٽي ۾ غفلت، ڊي سي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد عهدن تان برطرف
بلاول ڀٽو جي مولانا سان ملاقات، ڪجهه آئيني ترميمن تي اتفاق
ارسا قانون ۾ ترميمن خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو: راشدي
ڪارساز حادثي جي جوابدار عورت جي درخواست ضمانت تي ڌريون طلب
قبرستان جي زمين تان انڪروچمينٽ هٽائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم
يوٽيوب ۾ نئين تبديلي واهپيدارن کي بيزار ڪرڻ لڳي
سمورين گاڏين رجسٽريشن يا ٽرانسفر بائيو ميٽرڪ ذريعي ٿينديون
مودي جو عيد ميلاد النبي صلعم جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام
آئيني ترميم جو مقصد صرف مون کي جيل ۾ رکڻ آهي،عمران خان
آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل
ميروخان مان نوجوان لاپتا،پوليس تحرڪ نه ورتو،وارثن جو احتجاج
ملڪ جي رخ جو تعين چيف جسٽس نه پر پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي
مولانا فضل الرحمان جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريان ٿو
ڪوئيٽا: پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ووٽنگ جو حڪم
ڊيوس ڪپ، پهرين مرحلي ۾ پاڪستان کي شڪست
چوري ٿيل پينٽنگس جي ڪهاڻي ۾ نئون موڙ، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم
غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف برطانيه ۾ وڏو احتجاج،جنگبندي جو مطالبو
جوڙ توڙ ويهڪون ناڪام،آئيني ترميمون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي
تجويز ڪيل آئيني ترميم پيش نه ٿيون، سينيٽ اجلاس ملتوي
ليڪ ٿيل ڊرافٽ موجب ان سان ڪو به اتفاق نٿو ڪري سگهي