عدت ڪيس کي ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ وڏي پيش رفت ٿي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل ماجوڪي جي عدالت ۾ منتقل ڪري ڇڏي.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شاهه رخ ارجمند ڪيس جي منتقلي لاءِ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو آهي.ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا عدت ۾ نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو