چونڊ نشان کان محروم ڪرڻ سڄي تڪرار جو ڪارڻ بڻيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن اهي 77 ماڻهو سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل نه ٿين ها ته پوءِ مخصوص سيٽن جو ڇا ٿئي ها؟ انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون وڃن ها ته سڀ مسئلا حل ٿي وڃن ها.سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته 8 فيبروري کان اڳ توهان جي پوزيشن ڇا هئي؟ فيصل صديقي چيو ته اڳ ۾ اسان سياسي جماعت هئاسين، آزاد اميدوارن جي شموليت کانپوءِ پارلياماني جماعت بڻجي وياسين.چيف جسٽس چيو سڀاڻي سني اتحاد ڪائونسل ۽ پي ٽي آءِ هڪٻئي خلاف به بيهي سگهن ٿا، وڪيل فيصل صديقي چيو ته ان جو عدالت سامهون موجود معاملي سان واسطو ناهي، سياسي ۽ پارلياماني پارٽي ۾ فرق آهي، چيف جسٽس پڇيو ته ڇا آئين ان فرق کي تسليم ڪندو آهي؟ فيصل صديقي چيو ته جي ها! آرٽيڪل 63 اي موجود آهي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇيو ته توهان جو پارلياماني سربراهه ڪير آهي؟ وڪيل چيو مان سربراهه جي حوالي سان هاڻ ئي ٻڌائي ٿو ڇڏيان پر عدالت ۾ اها ڳالهه اهم ناهي، چيف جسٽس چيو توهان کي پنهنجي سربراهه جي نالي جي خبر ناهي، توهان درخواستگذار آهيو، پارلياماني سربراهه جي ڪا چونڊ ٿيندي آهي؟ خبر ڪيئن پئي ته پارلياماني سربراهه ڪير آهي؟ فيصل صديقي چيو سني اتحاد ڪائونسل سياسي ۽ پارلياماني پارٽي آهي، پارلياماني سربراهه جو ڪيس سان واسطو ناهي، ان لاءِ تياري ناهي ڪئي.جسٽس منيب اختر چيو ساسي جماعت کي چونڊ نشان کان محروم ڪرڻ ان سڄي تڪرار جو ڪارڻ بڻيو، سپريم ڪورٽ چونڊ نشان واپس وٺڻ جو فيصلو برقرار رکيو هو، آزاد اميدوار اهو ئي هوندو جيڪو حلفي بيان ڏيندو ته ڪنهن سياسي جماعت سان واسطو ناهي.عدالت چيو ته سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيندڙن پاڻ کي نامزدگي ڪاغذن ۾ پي ٽي آءِ اميدوار ظاهر ڪيو، جسٽس منيب اختر چيو ته نامزدگي ڪاغذ پي ٽي آءِ اميدوار طور منظور ٿيا ۽ ماڻهو چونڊجي ويا، اليڪشن ڪميشن رولز ڪيئن پي ٽي آءِ اميدوارن کي آزاد قرار ڏئي سگهن ٿا، چونڊ نشان هڪ هجي يا نه اهو الڳ بحث آهي پر اميدوار پارٽي جا ئي تصور ٿيندا.چيف جسٽس چيو جيڪڏهن اهي 77 ماڻهو سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل نه ٿين ها ته پوءِ مخصوص سيٽن جو ڇا ٿئي ها؟ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائي ڇڏي ها ته سڀ مسئلا حل ٿي وڃن ها، جسٽس منصور علي شاهه چيو ٻه سياسي جماعتون پنهنجي کٽيل سيٽن جي شرح سان ئي مخصوص سيٽون وٺنديون، باقي سيٽن جو ڇا ٿيندو اهو پوءِ ڏٺو ويندو، اهو نٿو ٿي سگهي ته انهن ئي سياسي جماعتن کي واڌو سيٽون به ورهايون وڃن، ائين ڪرڻ سان نمائندگي جي شرح جو اصول ڪاڏي ويندو.پوءِ عدالت مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو