گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ)دهشتگردي ٽوڙ عدالت صنم جاويد جو 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ صنم جاويد کي گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت (اي ٽي سي) ۾ پيش ڪيو ويو. هو 10 جون تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي .پوليس صنم جاويد جي 30 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي هئي. صنم جاويد جي وڪيلن کيس ڪيس مان بري ڪرڻ لاءِ دليل مڪمل ڪري ورتا.ٻڌڻي دوران عدالت جي اجازت سان صنم جاويد به ڳالهايو.صنم جاويد چيو ته هاءِ پروفائيل اجلاس ۾ سازش جي ڳالهه ٿي آهي، ان وقت هو پي ٽي آءِ جي نه ڪارڪن نه عهديدار هيس.عدالت صنم جاويد جي وڪيلن پاران عدالت اندر وڊيو ٺاهڻ جو نوٽيس ورتو ۽ وڊيو ٺاهڻ وارن وڪيلن کي سخت ڇنڊ پٽي، صنم جاويد جي وڪيلن عدالت کان معافي وٺي ڇڏي.ان بعد صنم جاويد جي وڪيل ميان علي اشفاق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صنم جاويد کي گذريل ڏينهن سرگوڌا مان دهشتگردي جي 11 ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. وڪيل ميان علي اشفاق چيو ته ڏوهه ثابت ڪرڻ لاءِ ٽي بنيادي شيون آهن. ڪيس جون حقيقتون ڇا آهن، ثبوت ۽ قانوني جواز ڇا آهن. هن چيو ته ٽنهي نقطن تي عدالت کي مطمئن ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، صنم جاويد بيگناهه آهي، کيس ڪيس مان بري ڪيو وڃي
سيڪيورٽي ۾ غفلت، ڊي سي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد عهدن تان برطرف
بلاول ڀٽو جي مولانا سان ملاقات، ڪجهه آئيني ترميمن تي اتفاق
ارسا قانون ۾ ترميمن خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو: راشدي
ڪارساز حادثي جي جوابدار عورت جي درخواست ضمانت تي ڌريون طلب
قبرستان جي زمين تان انڪروچمينٽ هٽائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم
يوٽيوب ۾ نئين تبديلي واهپيدارن کي بيزار ڪرڻ لڳي
سمورين گاڏين رجسٽريشن يا ٽرانسفر بائيو ميٽرڪ ذريعي ٿينديون
مودي جو عيد ميلاد النبي صلعم جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام
آئيني ترميم جو مقصد صرف مون کي جيل ۾ رکڻ آهي،عمران خان
آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل
ميروخان مان نوجوان لاپتا،پوليس تحرڪ نه ورتو،وارثن جو احتجاج
ملڪ جي رخ جو تعين چيف جسٽس نه پر پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي
مولانا فضل الرحمان جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريان ٿو
ڪوئيٽا: پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ووٽنگ جو حڪم
ڊيوس ڪپ، پهرين مرحلي ۾ پاڪستان کي شڪست
چوري ٿيل پينٽنگس جي ڪهاڻي ۾ نئون موڙ، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم
غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف برطانيه ۾ وڏو احتجاج،جنگبندي جو مطالبو
جوڙ توڙ ويهڪون ناڪام،آئيني ترميمون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي
تجويز ڪيل آئيني ترميم پيش نه ٿيون، سينيٽ اجلاس ملتوي
ليڪ ٿيل ڊرافٽ موجب ان سان ڪو به اتفاق نٿو ڪري سگهي