واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ميٽا واٽس ايپ بزنس ايپ لاءِ آرٽيفيشل انٽليجنس ٽيڪنالاجي جا ڪجهه نوان فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن. مارڪ زڪربرگ طرفان برازيل ۾ ميٽا جي هڪ پريس ڪانفرنس دوران واٽس ايپ جي نون فيچرز جي باري ۾ ٻڌايو آهي. مارڪ زڪربرگ جو چوڻ هو ته اي آءِ اسسٽنٽ سان گڏوگڏ مختلف مقصدن لاءِ اي آءِ ايجنٽس به تيار ڪرڻ چاهيون ٿا. ميٽا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واٽس ايپ واهپيدار اي آءِ کي استعمال ڪري فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جا اشتهار تيار ڪري سگهندا، جن تي ڪلڪ ڪري واهپيدار ڪنهن به ڪاروباري اداري سان واٽس ايپ چيڪ ڪري سگهندا. ڪمپني موجب هو اهڙن اي آءِ ڪسٽمر سپورٽ جي آزمائش به ڪري رهيا آهن، جيڪي پاڻمرادو واهپيدارن جي سوالن جا جواب ڏيندا. ان فيچر جي آزمائش ڀارت ۽ سنگاپور ۾ ٿي رهي آهي ۽ جلد ئي برازيل ۾ به متعارف ڪرايو ويندو. ميٽا اهو به ٻڌايو آهي ته اي آءِ ميسيجز ۾ اهڙا ليبل موجود هوندا جن سان واهپيدارن کي ڪنهن روبوٽ سان ڳالهه ٻولهه جي خبر پئجي سگهندي. واٽس ايپ طرفان ميٽا ويريفائيڊ کي به بزنس ايپ جو حصو بڻايو پيو وڃي، جنهن ذريعي ڪاروباري ادارا پنهنجي اڪائونٽس کي ويريفائي ڪري سگهندا.
ترميمن تي اڳڀرائي نه ٿي،بلاول،شهباز مولانا کي مڃائڻ ۾ ناڪام
ڪتابن جي مطالعي کان محروم اڄ جو نوجوان!
سنڌيار سکر 18 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 18 آڪٽوبر 2024ع
جيڪڏهن اسان سان بدمعاشي ڪئي وئي ته بدمعاشي جهڙو سلوڪ ڪنداسين
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان واپسي جو منتظر آهيان، رچرڊ گولڊ
اسرائيل پاران حماس جي نئين اڳواڻ يحيٰ سنوارجي قتل جي دعويٰ
پاڻي کوٽ سبب خوراڪ جي پيداوار 50 سيڪڙو متاثر ٿيڻ جو امڪان
ڀارتي ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي: نواز شريف
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان
ايس ايس پي ڌاڙيلن جو سهولتڪار آهي، ڊي آءِ جي جو آءِ جي کي خط
زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي پيو
ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن تي فائرنگ، ڀائيٽو قتل،چاچو زخمي
ڪٿي سير سفر جو پروگرام رٿيو آهي؟ گوگل کان مدد وٺو
بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي
سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن بابت اهم بل منظور
بلاول جو موقف آهي ته سڀ پارٽيون متفقه طور تي آئيني ترميم ڪن
وڏي وزير جو يونيورسٽين ۾ جديد تربيت ۽ موثر تحقيق تي زور
ملڪ ۾ صرف مولانا آئين جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي پيو: فواد چوڌري
ڊيم فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو حڪم