ڀارت خلاف ميچ ۾ اعظم آئوٽ، عماد ٽيم ۾ شامل

لاهور (ويب ڊيسڪ)آمريڪا خلاف ميچ ۾ پهرين بال تي ايول بي ڊبليو آئوٽ ٿيندڙ بيٽسمين اعظم خان ڀارت خلاف ميچ مان آئوٽ ٿي ويو.ذريعن موجب اعظم خان کي نيٽ پريڪٽس ۾ هڪ به بال کيڏڻ نه ملي، پريڪٽس دوران اعظم خان اڪيلو بيٺو رهيو.اعظم خان پاڪستان لاءِ 14 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ رڳو 88 رنسون ٺاهيون آهن.ذريعن موجب ڪپتان بابر اعظم ۽ ڪوچ گيري ڪرسٽن اعظم خان تي اعتماد وڃائي ويٺا آهن.پاڪ-ڀارت ميچ لاءِ 11 پاڪستاني رانديگرن کي فائنل ڪيو ويو آهي، ٽيم ۾ اعظم خان بدران عماد وسيم کي جاءِ ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو