اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن سينيٽر سليم مانڊوي والا کي فنانس ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو. پي ٽي آءِ ميمبرن شبلي فراز ۽ محسن عزيز سليم مانڊوي والا خلاف ووٽنگ جو بائيڪاٽ ڪيو.حڪومتي ميمبرن سينيٽر سليم مانڊوي والا کي چونڊيو، سليم مانڊوي والا چيو ته گذريل ڀيري سينيٽ جي فنانس ڪميٽي ۾ اليڪشن ٿي هئي.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي ووٽنگ ۾ حصو وٺڻ جي درخواست ڪئي وئي، ڪميٽي هميشه اتفاق راءِ سان هلندي آهي، ڪڏهن به پارٽي بنيادن تي ڪميٽي نه هلائي وئي.سينيٽر شيري رحمان سينيٽر سليم مانڊوي والا کي چيئرمين ڪميٽي جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو، هن چيو ته مان اپوزيشن کي چوان ٿو ته هو پنهنجي ڪميٽي جي احتجاج جي فيصلي تي نظرثاني ڪري.شيري رحمان چيو ته اهڙو ڪو قانون ناهي ته ڪهڙي ڪميٽي ڪنهن وٽ هجي، اپوزيشن کي ڊڪٽيشن نه ڏيڻ گهرجي، اپوزيشن سمجهي ٿي ته خزاني واري بئنچ جي سينيٽر جو احتساب نٿو ٿي سگهي.شيري رحمان موجب حڪومتي بينچن جي سينيٽر ان کان اڳ به فنانس ڪميٽي جو چيئرمين رهي چڪو آهي، هن چيو ته اها هڪ اهم ۽ حساس ڪميٽي آهي جنهن ۾ مخالف ڌر کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.پ پ سينيٽر چيو ته ان حوالي سان سينيٽ سيڪريٽريٽ کي نشانو نه بڻايو وڃي، مخالف ڌر احتجاج ڪرڻ بدران ڪميٽين ۾ فعال پارلياماني ڪردار ادا ڪري.شيري رحمان چيو ته بجيٽ لاءِ فنانس ۽ پلاننگ ڪميٽين جو قيام ضروري آهي، هن وقت پاڪستان کي اقتصادي راهداري جي ضرورت آهي.
سيڪيورٽي ۾ غفلت، ڊي سي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد عهدن تان برطرف
بلاول ڀٽو جي مولانا سان ملاقات، ڪجهه آئيني ترميمن تي اتفاق
ارسا قانون ۾ ترميمن خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو: راشدي
ڪارساز حادثي جي جوابدار عورت جي درخواست ضمانت تي ڌريون طلب
قبرستان جي زمين تان انڪروچمينٽ هٽائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم
يوٽيوب ۾ نئين تبديلي واهپيدارن کي بيزار ڪرڻ لڳي
سمورين گاڏين رجسٽريشن يا ٽرانسفر بائيو ميٽرڪ ذريعي ٿينديون
مودي جو عيد ميلاد النبي صلعم جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام
آئيني ترميم جو مقصد صرف مون کي جيل ۾ رکڻ آهي،عمران خان
آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل
ميروخان مان نوجوان لاپتا،پوليس تحرڪ نه ورتو،وارثن جو احتجاج
ملڪ جي رخ جو تعين چيف جسٽس نه پر پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي
مولانا فضل الرحمان جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريان ٿو
ڪوئيٽا: پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ووٽنگ جو حڪم
ڊيوس ڪپ، پهرين مرحلي ۾ پاڪستان کي شڪست
چوري ٿيل پينٽنگس جي ڪهاڻي ۾ نئون موڙ، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم
غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف برطانيه ۾ وڏو احتجاج،جنگبندي جو مطالبو
جوڙ توڙ ويهڪون ناڪام،آئيني ترميمون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي
تجويز ڪيل آئيني ترميم پيش نه ٿيون، سينيٽ اجلاس ملتوي
ليڪ ٿيل ڊرافٽ موجب ان سان ڪو به اتفاق نٿو ڪري سگهي