اسيمبلي جي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي سست رهي، فافن

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ(فافن) قومي اسيمبلي جي شروعاتي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي تي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. فافن جي رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي شروعاتي 100 ڏينهن ۾ قانونسازي جو عمل سست رهيو، قائمه ڪميٽين جي جوڙجڪ ۾ دير سبب اسيمبلي جي ڪارڪردگي به متاثر ٿي. فافن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيڪيورٽي خدشن جي آڙ ۾ قومي اسيمبلي جي گيلري تائين شهرين جي پهچ تي پابندي به ڪارڪردگي تي اثر انداز ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل طور تي ايوان 66 ڪلاڪ ۽ 33 منٽن تي ٻڌل 23 اجلاس ڪيا، هائوس جي موجوده 310 ميمبرن مان 159 (51 سيڪڙو) ميمبرن فعال ٿي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. ايوان ۾ ميمبرن جي حاضري 231 رهي جنهن ۾ سڀني کان وڌيڪ 302 ۽ سڀني کان گهٽ 176 آهي. فافن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي 23 مان صرف 2 اجلاسن جي ڪارروائي ۾ شرڪت ڪئي جيڪا 10 سيڪڙو بڻجي ٿي جڏهن ته ماضي ۾ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف 26 سيڪڙو ۽ عمران خان 29 سيڪڙو اجلاسن جو حصو بڻيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو