اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف بجيٽ کان پوءِ ڪابينه ۾ واڌ جو فيصلو ڪندي پيپلز پارٽي کي هڪ دفعو ٻيهر ڪابينه ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن چيو آهي ته وزيراعظم ان حوالي سان ورڪنگ مڪمل ڪري ورتي آهي. وفاقي وزير احسن اقبال کي اهم ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. پيپلز پارٽي قيادت کي ڪابينه جو حصو بنجڻ ۽ وزارتن جي انگ جي باري ۾ مشاورت جاري آهي.ذريعن موجب قيادت جي فيصلي کان پوءِ پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهو معاملو رکيو ويندو. سي اي سي جي توثيق کان پوءِ ڪابينه ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ويندو.وزيراعظم شهباز شريف جي صدر آصف زرداري سان ملاقات کان پوءِ وفاقي وزير احسن اقبال متحرڪ ٿي ويو آهي. احسن اقبال انهي معاملي تي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ پ پ اڳواڻ قمرالزمان ڪائره سان رابطا ڪيا آهن.
ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف اسمبليءَ رٿ منظور ڪري واضح موقف ڏنو
ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي
جسٽس جهانگيري جي تبديلي وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم رد
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم
گوگل جو اي آئي تصويرن جي سڃاڻپ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف