حاضر نوازشريف عوام مٿان ڳرا ٽيڪس لڳائڻ تي ناخوش

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ(ن) موجب اڳوڻي وزيراعظم ۽ ليگي صدر نوازشريف ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام تي لڳل ڳرن ٽيڪسن مان ناخوش آهي.ليگي ذريعن موجب صدر(ن) ليگ موجوده بجيٽ ۾ سفيد پوش ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن تي لڳل ڳرن ٽيڪسن کان ناراض آهي اهوئي سبب آهي ته نوازشريف طرفان بجيٽ بحٽ ۽ منظوري جي عمل ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.گذريل ڏينهن نوازشريف طرفان بجيٽ سيشن مان موڪل جي درخواست قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ڏانهن اماڻي وئي هئي جنهن کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق منظو ڪيو هو پر هن بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي حوالي سان ڪوبه عذر پيش نه ڪيو. (ن) ليگ جي ذريعن ٻڌايو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث جي موقعي تي سمورن ليگي ميمبرن کي اسلام آباد ۾ موجود رهڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي پر ايوان ۾ حڪومتي سيٽون خالي نظر آيون.

پهنجو تبصرو موڪليو