واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل ٻولين جي ترجمي جي پنهنجي سروس گوگل ٽرانسليٽ ۾ 110 وڌيڪ ٻولين جي واڌ جو اعلان ڪيو آهي.ڪمپني طرفان بلاگ پوسٽ ۾ نئين ٻولين جي واڌ جو اعلان ڪندي چيو ويو ته گوگل ٽرانسليٽ ٻولين جون رڪاوٽون ٽوڙيندو آهي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي ڀرپاسي دنيا سان جڙيو رهڻ ۽ سٺي طريقي ۾ سمجهڻ لاءِ مدد ملي سگهي.گوگل طرفان نئين ٻولين ۾ پنجابي، شاهه مکي، بلوچي،دري،افار ڪينٽونير، مينڪس ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن.پنجابي ٻولي جي باري ۾ گوگل جو چوڻ آهي ته اها فارسي، عربي رسم الخط ۾ لکي ويندڙ پنجابي جي هڪ قسم آهي ۽ پاڪستان ۾ سڀ کان گهڻو ڳالهائي ويندڙ ٻولي به آهي.ڪمپني موجب نئين شامل ڪيل ٻوليون دنيا ۾ 61 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڳالهائيندا آهن يا دنيا جي لڳ ڀڳ 8 سيڪڙو آبادي جي نمائندگي ڪنديون آهن.گوگل ٽرانسليٽ ۾ 110 ٻولين کي شامل ڪرڻ آرٽيفشل انٽيليجنس جي ذريعي هڪ هزار ٻولين کي سپورٽ ڪرڻ جي انهي قدم جو حصو آهي، جنهن جو اعلان 2022ع ۾ ڪيو هو.
ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي
جسٽس جهانگيري جي تبديلي وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم رد
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم
گوگل جو اي آئي تصويرن جي سڃاڻپ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف
پارليامينٽ هائوس مان گرفتاريون، گهرو وزارت ۽ آءِ جي کي نوٽيس جاري