جماعت اسلامي جو حق دو تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان حق دو تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي، قوم جي ٻارن کي جاهل بڻايو پيو وڃي.تعليم کي به وڪرو ڪرڻ لاءِ لڳايو ويو آهي، وزيراعظم وڏن زميندارن تي ٽيڪس ڇو نه لڳايو؟هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي ۽ امن امان جي صورتحال خراب آهي، وچولو طبقو، پگهاردار طبقو، مزدور ڪيڏانهن وڃن.پاڪستان ۾ 70 سالن کان تعليم يافته ۽ جاهل جي نمائندگي ڪندي تعليم کي به بازاري بڻايو ويو آهي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته يونيفارم تعليمي نظام بابت تمام گهڻو شور مچايو ويو، هاڻي ڪجهه به نظر نه ٿو اچي، بجيٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ بجلي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي، وڏي پئماني تي پگهاردار طبقي کان ٽيڪس کسيو پيو وڃي ٽيڪس ڇو نه لڳايو ويو؟،هن چيو ته هو ماڻهن جون سم بلاڪ ڪري پاڪستان ۾ افراتفري پکيڙي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو