لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ محرم الحرام دوران سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.پنجاب جي گهرو کاتي محرم الحرام دوران صوبي ۾ سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي آهي، جنهن لاءِ وفاقي گهرو سيڪريٽري کي خط اماڻيو ويو،خط ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته امن امان بابت ڪابينا جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ پنجاب ۾ 6 کان 11 محرم تائين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جون خدمتون معطل ڪيون وڃن.پوسٽ موجب فيس بڪ، واٽس ايپ، انسٽاگرام، يوٽيوب، ٽوئيٽر ۽ ٽڪ ٽاڪ جون خدمتون معطل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.پنجاب جي گهرو کاتي ان حوالي سان چيئرمين پي ٽي اي، آءِ جي پنجاب، ايڊيشنل آءِ جيز اسپيشل برانچ ۽ سي ٽي ڊي کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب سوشل ميڊيا تي پابندي جو حتمي فيصلو وفاقي حڪومت ڪندي.
سياست جو حقيقي مفهوم ۽ اسان جي ملڪ جي سياست
سنڌيار سکر 19 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 19 سيپٽمبر 2024ع
فوڊ اٿارٽي جون ڪاروايون،466 ڇاپن دوران دڪان،بيڪريون سيل ،ڏنڊ
نمبر پليٽس جي لاءِ آن لائن ٻولي ڏيڻ وارو عمل جلد شروع ڪيو ويندو
بلاول سان پ پ لائرز فورم جي ملاقات،آئيني ترميمن بابت بحث
آئيني ترميم تي حڪومت جو تيار ڪيل مسودو مڪمل طور تي رد ڪيو
190 ملين پائونڊ ڪيس، ٽرائل ڪورٽ کي حتمي فيصلو نه ٻڌائڻ جو حڪم
جي يو آءِ انٽرا پارٽي ڪيس، 2 مهينن جو وقت گهرڻ تي فيصلو محفوظ
سي ٽي ڊي مقابلو، 3 دهشتگرد پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا
جماعت اسلامي پاران 50 رپيا في لٽر پيٽرول گهٽ ڪرڻ جي گهر
واهي پانڌي ۾ ٻن ڌرين جي فائرنگ، عورت قتل، لاش رکي ڌرڻو
آرمي چيف ۽ ججز جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي
سينيٽ مڪمل ناهي، ترميمون ڪيئن منظور ٿينديون؟ خان
ڪراچي جي روڊن جي مرمت لاءِ اڍائي ارب رپين جي منظوري
سيڪيورٽي مسئلو آهي ته ڪراچي ۾ جلسن تي پابندي لڳايو
لاهور جلسي جون تياريون جاري آهن: گنڊاپور
پنجاب واسين سان دوکو،سنگل فيز ميٽر وارن کي بجلي رعايت ملڻ لڳي
پاڪستاني بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت نه ڪنداسين: آمريڪا
ايڪسچينج ۾ تيزي، انڊيڪس ۾ 542 پوائنٽس جو اضافو