اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف سان پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداواري ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي.وزيراعظم پيداواري ڪمپنين کي دعوت ڏني ته اهي پيٽروليم ۽ گيس جي ڳولا لاءِ آف شور ذخيرا ڳولين.ان کان علاوه پيداواري ڪمپنين پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولا جي سلسلي ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو.وفد جي شرڪت ڪندڙن چيو ته هي پهريون وزيراعظم آهي جيڪو سنجيدگي سان ان شعبي تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته 3 سالن ۾ پاڪستان ۾ پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولا لاءِ 240 هنڌن جي کوٽائي ڪئي ويندي.وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جا مقامي ذخيرا ڳولڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان هر سال تيل ۽ گئس جي درآمد تي اربين ڊالر خرچ ڪري ٿو، مقامي ذخيرن مان پيداوار سان پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي بچت ٿيندي ۽ تيل ۽ گئس سستو ٿيندو.وزيراعظم ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ ڪميٽي پڻ قائم ڪري ڇڏي، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدار، سيڪريٽري ۽ ماهر شامل هوندا.اها ڪميٽي پيٽروليم ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا ۽ ترقي لاءِ پرڪشش پاليسي ٺاهڻ لاءِ تجويزون ڏيندي.
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي
جسٽس جهانگيري جي تبديلي وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم رد
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم
گوگل جو اي آئي تصويرن جي سڃاڻپ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف
پارليامينٽ هائوس مان گرفتاريون، گهرو وزارت ۽ آءِ جي کي نوٽيس جاري
پاڪ آمريڪا لاڳاپا علائقائي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ اهم آهن: جوبائيڊن
برساتي پاڻي کان وڌيڪ گندو پاڻي روڊن لاءِ خراب آهي،سعيد غني