اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون 29 سيپٽمبر تي ٿينديون، ڪميشن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.سپريم ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون 29 سيپٽمبر تي ڪرائڻ لاءِ عدالت کي يقين ڏياريو آهي.ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته چونڊن لاءِ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم به ضروري آهي، مخصوص سيٽن جا مسئلا به واضح ناهن.اليڪشن ڪميشن عدالت کي يقين ڏياريو ته ايندڙ 2 هفتن ۾ ان حوالي سان 2 نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويندا،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته وڌيڪ ٻڌڻي موڪلن کانپوءِ ٿيندي، جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته وڏو وزير داخل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو