اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته وقت برباد ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندس ۽ ڪم ۾ سستي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم وزارتن جي عملدارن کي وارننگ ڏيندي چيو ته سستي سان ڪم ورتو ويو ته برداشت نه ڪندس، پاڪستان جا مسئلا حل ڪرڻا آهن، پنهنجو وقت برباد ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندس. هن چيو ته فيصلا لاڳو ۽ عملدرآمد ڪرائڻو پوندو، سڀني کي ٽارگيٽ پورا ڪرڻا آهن، آءِ ايم ايف مان ڇوٽڪاري جو هدف رڳو ڳالهين سان پورو نه ٿيندو پر ان لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڏهه لک ٽيوب ويل تيل تي هلي رهيا آهن، ملڪ ۾ ساڍا ٽي ارب ڊالر جو تيل استعمال ٿئي ٿو، اسان بلوچستان ۾ اٺاويهه هزار ٽيوب ويلز کي سولرائزيشن جو فيصلو ڪيو آهي، اسان کي سج جي روشني مان فائدو حاصل ڪرڻو آهي.
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي
جسٽس جهانگيري جي تبديلي وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم رد
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم
گوگل جو اي آئي تصويرن جي سڃاڻپ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف
پارليامينٽ هائوس مان گرفتاريون، گهرو وزارت ۽ آءِ جي کي نوٽيس جاري
پاڪ آمريڪا لاڳاپا علائقائي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ اهم آهن: جوبائيڊن