اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کي نئين قرض پروگرام لاءِ ڊو مور جو مطالبو ڪري ڇڏيو.آءِ ايم ايف جي ماهرن پاڪستاني اختيارين سان مشڪل ترين ورچوئل ڳالهيون ڪيون، آءِ ايم ايف چئني صوبن جي نمائندن سان ورچوئل ڳالهيون ڪيون، آءِ ايم ايف جي ماهرن هر صوبائي حڪومت سان الڳ الڳ ڳالهيون ڪيون، ورچوئل ڳالهين ۾ ناڻي واري وزارت جا وفاقي ۽ صوبائي عملدار شامل هئا.ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کان زراعت تي انڪم ٽيڪس جي وصولي کي بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، چئني صوبن زرعي انڪم ٽيڪس تي آءِ ايم ايف جو مطالبو قبول ڪري ورتو ۽ زرعي آمدني تي ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ پلان تيار ڪرڻ لاءِ 2 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو. چارئي صوبائي حڪومتون 12 جولاءِ تائين پلان جمع ڪرائينديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته زرعي آمدني تي انڪم ٽيڪس جي شرح 6 لک کان وڌيڪ سالياني آمدني تي لاڳو ڪئي ويندي. زرعي آمدني تي انڪم ٽيڪس جي شرح به نارمل انڪم ٽيڪس جي حساب سان لڳائي ويندي، وفاق ۽ صوبا زرعي آمدني تي هڪ پيج تي هوندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبن آءِ ايم ايف کي زرعي آمدني تي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو آهي.ناڻي واري وزارت ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت آءِ ايم ايف سان به مثبت ڳالهيون ڪيون، آءِ ايم ايف خيبرپختونخواهه جي 100 ارب رپين جي اضافي بجيٽ کي ساراهيو.
ترميمن تي اڳڀرائي نه ٿي،بلاول،شهباز مولانا کي مڃائڻ ۾ ناڪام
ڪتابن جي مطالعي کان محروم اڄ جو نوجوان!
سنڌيار سکر 18 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 18 آڪٽوبر 2024ع
جيڪڏهن اسان سان بدمعاشي ڪئي وئي ته بدمعاشي جهڙو سلوڪ ڪنداسين
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان واپسي جو منتظر آهيان، رچرڊ گولڊ
اسرائيل پاران حماس جي نئين اڳواڻ يحيٰ سنوارجي قتل جي دعويٰ
پاڻي کوٽ سبب خوراڪ جي پيداوار 50 سيڪڙو متاثر ٿيڻ جو امڪان
ڀارتي ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي: نواز شريف
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان
ايس ايس پي ڌاڙيلن جو سهولتڪار آهي، ڊي آءِ جي جو آءِ جي کي خط
زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي پيو
ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن تي فائرنگ، ڀائيٽو قتل،چاچو زخمي
ڪٿي سير سفر جو پروگرام رٿيو آهي؟ گوگل کان مدد وٺو
بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي
سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن بابت اهم بل منظور
بلاول جو موقف آهي ته سڀ پارٽيون متفقه طور تي آئيني ترميم ڪن
وڏي وزير جو يونيورسٽين ۾ جديد تربيت ۽ موثر تحقيق تي زور
ملڪ ۾ صرف مولانا آئين جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي پيو: فواد چوڌري
ڊيم فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو حڪم