سيمينٽ ڊيلرز به ود هولڊنگ ٽيڪس خلاف هڙتال جو اعلان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اٽي جي ملز کان پوءِ سيمينٽ ڊيلرز ايسوسيئيشن پاڪستان به ود هولڊنگ ٽيڪس کي رد ڪري ڇڏيو ۽ رات جو 12 وڳي کان پوءِ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سيمينٽ ڊيلرز ايسوسيئيشن هڙتال جو اعلان لاهور چيمبر ۾ منعقد ڪيل اجلاس ۾ ڪيو اڳواڻن چيو ته ٽيڪس حدف وڌائي واپارين ۽ صنتڪارن لاءِ ڪاروبار جا موقعا گهٽ ڪيا ويا آهن جيترو وڌيڪ ٽيڪس لڳندو ماڻهو اوترو وڌيڪ ٽيڪس چوري طرف ويندا.ايسوسيئيشن موجب سيمينٽ جي ٻوري جي قيمت 500 روپيه هجڻ گهرجي ها جيڪا 1500 روپين تائين پهچي وئي آهي، سيمنٽ ڊيلرز ايسوسيئيشن وٽ هڙتال تي وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه حل نه آهي.ايسوسيئيشن جي عهديدارن چيو ته اڄ ڇنڇر جي رات 12 وڳي کان پوءِ ڪوبه سيمنٽ ڊيلر ڪمپنين کان سيمينٽ نه کڻندو. ٻئي طرف حڪومت سان ڳالهين کان پوءِ پاڪستان فلورملز ايسوسيئيشن هڙتال 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو