بجلي جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ سبب عوام جون مشڪلاتون وڌيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن واري ستين ISEM سولر نمائش جو افتتاح ڪيو. ڪانفرنس جي منتظمين جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ توانائي جي وڌندڙ ضرورتن سان گڏوگڏ بجلي جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ سبب عوام جون مشڪلاتون وڌي رهيون آهن. اهڙي وقت ۾ رڳو شمسي توانائي ئي عوام لاءِ ريليف جو سبب بڻجي سگهي ٿي. نمائش جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي توانائي واري صوبائي وزير چيو ته حڪومت پائيدار ترقي جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت قابل تجديد توانائي جي شعبي جي ترقي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ شمسي توانائي جي پيداوار ۽ ورڇ ۾ ٽيڪنالاجي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نجي شعبي جي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت نيشنل گرڊ کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ سولر پارڪ قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. ان منصوبي جو مقصد صوبي ۾ صارفين کي 100 يونٽن تائين مفت بجلي فراهم ڪرڻ آهي. ناصر شاهه چيو ته حڪومت شمسي توانائي تي ٽيڪس لڳائڻ کي روڪڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته سنڌ صوبو توانائي جي شعبي ۾ گهڻو زرخيز ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ انتهائي موزون آهي. هن نمائش ۾ پاليسي ساز، صنعت جا ماهر ۽ سيڙپڪار پڻ شرڪت ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه ملڪي ۽ خاص ڪري پرڏيهي ڪمپنيون پنهنجون سولر پراڊڪٽس ۽ سولر سان لاڳاپيل سامان ۽ بيٽرين جي نمائش ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه جديد سولر ٽيڪنالاجي ۽ رهائشي ۽ ڪمرشل استعمال لاءِ سامان جي پڻ نمائش ڪئي وئي آهي. هن ٽن ڏينهن واري نمائش جو مقصد ملڪ ۾ شمسي توانائي کي فروغ ڏيڻ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو