پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏنداسين،افغان ٽيم

لاهور (ويب ڊيسڪ)افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن رحمان الله گربز ۽ محمد نبي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏنداسين، خبر ناهي ڪير اسان بابت غلط خبرون پکيڙي رهيو آهي.اهڙن خيالن جو اظهار رحمان الله گربز ۽ محمد نبي ٽورانٽو ۾ نمائندي ”جنگ“ سان ڳالهائيندي ڪيو.ٻئي رانديگر ڪينيڊا ۾ ٿيندڙ گلوبل ٽي 20 ۾ مختلف ٽيمن لاءِ کيڏي رهيا آهن.محمد نبي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي اهڙين خبرن تي ڌيان نه ڏيو.ٻئي طرف رحمان الله گربز جو چوڻ هو ته پاڪستاني مداحن مون کي تمام گهڻو پيار ڏنو آهي، مان پي ايس ايل ۾ کيڏي چڪو آهيان، پاڪستان وڃي ضرور کيڏنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو