ارشد نديم جيولن ٿرو ۾ فائنل مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو

پيرس(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي ارشد نديم پيرس اولمپڪس ۾ جيولن ٿرو مقابلن ۾ 86.59 ميٽر پري اڇلائي ايندڙ اسٽيج لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.هندستان جي نيرج چوپڙا 89 ميٽر اڇلائي ۽ پيرس اولمپڪس ۾ جيولين ٿرو ايونٽس ۾ پهرين نمبر تي رهيو، گريناڊا جي اينڊرسن پيٽرس 88.63 ميٽر سان گڏ ٻئي نمبر تي رهيو.پاڪستان جي ارشد نديم 86.59 ميٽر اڇلائي گروپ ۾ ٽئين نمبر تي رهيو.جيولن ٿرو ايونٽس ۾ گروپ اي جي 4 رانديگرن ايندڙ اسٽيج لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو، جرمني جي جولين ويبر 87.76 ميٽر پري اڇلائي پهرين نمبر تي رهيو، ڪينيا جي جوليئس يگو 85.97 ميٽر پري اڇلائي پهرين نمبر تي رهيو.چيڪ ريپبلڪ جي جيڪب ويڊلچ، جيڪو گروپ اي ۾ ٽئين نمبر تي رهيو، 85.63 ميٽر اڇلائي، جڏهن ته فنلينڊ جي ٽوني ڪيرنان 85.27 ميٽر اڇلائي گروپ ۾ چوٿين نمبر تي رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو