ارشد نديم 40 سالن بعد پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽي قومي هيرو قرار

پيرس (ويب ڊيسڪ)ارشد نديم 40 سالن کانپوءِ پيرس اولمپڪس ۾ رڪارڊ قائم ڪري مردن جي جويلين ٿرو ۾ 92.97 ميٽر جو رڪارڊ ٿرو ڪري پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽي ورتو. گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ لاءِ 12 رانديگرن ڪوشش ڪئي ته سڀ کان ڊگھي فاصلي تي جويلن کي پري کان پري اڇلائين. گريناڊا جي پيٽر اينڊرز 84.70 ميٽر جو پهريون ٿرو ڪيو، جڏهن ته ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوبيگو جي ڪشور 86.16 ميٽر جو پهريون ٿرو اڇليو، ڀارت جي نيراج چوپڙا جو پهريون ٿرو مس ٿيو ۽ هن اڇلائڻ دوران فائول ڪيو. فنلينڊ جي لسي 78.81 ميٽر جو پهريون اڇليو،پاڪستان جي ارشد نديم ۽ جرمني جو جيولين ويبر پهريون ٿرو نه ڪري سگهيا.ارشد نديم پنهنجي ٻئي رائونڊ ۾ 92.97 ميٽر اڇلايو، جيڪو هن وقت تائين جو اولمپڪ رڪارڊ پڻ آهي. سندس روايتي حريف نيراج چوپڙا 89.45 ميٽر جو ٿرو ڪري سلور ميڊل حاصل ڪيو. پاڪستان 1984 ۾ هاڪي ٽيم گولڊ ميڊل حاصل ڪيو هو جنهن بعد هي پهريون انفرادي گولڊ ميڊل حاصل ڪيو آهي. پاڪستان جي وزيراعظم، صدر، سنڌ حڪومت، ڪرڪيٽرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نامور شخصيتن ۽ عام ماڻهن ارشد کي مبارڪ ڏيندي قومي هيرو قرار ڏنو آهي. سنڌ حڪومت ارشد نديم لاءِ 5 ڪروڙ ۽ سنڌ جي گورنر 10 لک جي انعام جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو