14 آگسٽ تي دهشتگردي جو منصوبو ناڪام، 2 دهشتگرد گرفتار

لاڙڪاڻو:(ن س) لاڙڪاڻي ۾ 14 آگسٽ تي ٿيندڙ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام سي ٽي ڊي پوليس ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان ڊي ايس پي سي ٽي ڊي لاڙڪاڻو اصغر شاھ اھم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ 14 آگسٽ تي وڏي دھشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻايو آهي . اي آر اي سان تعلق رکندڙ 2 دھشتگرد گرفتار ڪيا آهن گرفتار دھشتگردن ۾ جميل شيخ ۽ صلاح الدين جتوئي شامل آھن. ڊي ايس پي موجب دھشتگردن جو 14 آگسٽ تي سينٽرل جيل ۽ لاڙڪاڻو ميونسپل اسٽيڊيم ۾ دھشتگردي ڪرڻ جو منصوبو ھيو دھشتگردن وٽان 350 گرام ڌماڪيدار بارودي مواد . 6 ڊينٽونيٽر . سيفٽي فيوز ڪارو پائوڊر تارون ۽ گرنيٽ ھٿ آيا آھن . ڊي ايس پي چيو ته نئون ديرو روڊ تان حساس ادارن جي نشاندھي تي جوابدارن کي گرفتار ڪيو آھي، دھشتگردن مٿان چار ڪيس داخل ڪيا آھن انھن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي .

پهنجو تبصرو موڪليو