نويد اڪرم چيما کي ٽيم مئنيجر مقرر ڪرڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) نويد اڪرم چيما کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مئنيجر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.نويد اڪرم چيما آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي دوري دوران ٽيم مئنيجر هو، ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان اڳ وهاب رياض سينيئر مئنيجر ۽ منصور رانا مئنيجر هو جڏهن ته وهاب رياض ۽ منصور رانا کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ خراب پرفارمنس سبب هٽايو ويو هو. ذريعن موجب پاڪستاني ٽيم انتظاميا جو اعلان هڪ ٻن ڏينهن ۾ متوقع آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو