اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آبادي ۾ واڌ بابت رپورٽ ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي وڌندڙ آبادي لاءِ نوان شهر ۽ مستقل پاليسيون ٺاهڻ گهرجن.ايشيائي ترقياتي بئنڪ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته شهرن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو. وڌندڙ آبادي سبب ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جي حالت خراب ٿي رهي آهي، شهر بنا رٿابندي جي غيرقانوني طور تي تعمير ڪيا پيا وڃن ۽ بلڊنگ ڪوڊس جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري شهرن ۾ ماحولياتي ۽ نظام جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زرعي زمينن تي وڌندڙ حددخلين سبب مستقبل ۾ خوراڪ جي کوٽ جو خدشو آهي، معاشي پاور هائوس، تعليم، معيشت جي بهتري جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پاليسيون ٺاهڻ گهرجن.اي ڊي بي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال دوران پاڪستان کي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ تاريخي مهانگائي کي منهن ڏيڻو پيو. 2018ع ۾ جي ڊي پي ۾ ڪراچي جو حصو 15 سيڪڙو ۽ ٽيڪسن ۾ 55 سيڪڙو هو، پاڪستان جا 10 وڏا شهر وفاقي ٽيڪسن ۾ 95 سيڪڙو حصو ڏئي رهيا آهن.18هين ترميم کانپوءِ صوبا ۽ مڪاني حڪومتون شهرن ۾ خدمتون ۽ انتظام بهتر نه ڪري سگهيون.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2022 ۽ 2010 جي ٻوڏن سبب پاڪستان جي معيشت کي 40 ارب ڊالرن جو نقصان پهتو، انهن ٻوڏن سبب 3700 ماڻهو فوت ٿيا، 2015 دوران ڪراچي ۾ گرمي جي لهر سبب 1200 ماڻهو فوت ٿيا.ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته موسمياتي تبديلين سبب ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ معاشي نقصان پهتو آهي. وڌندڙ آبادي سبب پاڪستان کي هر سال 350 هزار نون گهرن جي ضرورت آهي، آبادي جي آبادي لاءِ مجموعي طور 1 ڪروڙ نوان گهر گهربل آهن.اي ڊي بي جي رپورٽ موجب پاڪستان 2040 تائين پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ وارن ملڪن ۾ 23هين نمبر تي اچي سگهي ٿو. شهري علائقن جي 43 سيڪڙو آبادي اڃا تائين مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. شهري علائقن ۾ لڳ ڀڳ 18 سيڪڙو آبادي بنيادي صفائي جي قدمن کان محروم آهي.
سنڌ جا 19 هزار 808 اسڪول برساتن سبب متاثر ، 7,503 مڪمل تباهه
شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي
وزيرستان ۾ جھڙپ، 12 خوارج مارجي ويا، 6 جوان شهيد
پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سميت 8 ڄڻا شهيد
صدر جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح،فوري لاڳو
آرڊيننس تحت ججز ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي: تارڙ
پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر
پي ٽي آءِ جلسو، ڊي سي جي لاهور پوليس کان رپورٽ طلب
ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي
شهرين جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي: عدالت
اسٽاڪ مارڪيٽ 82 هزار جي تاريخي حد پار ڪري ورتي
آءِ سي سي وفد جي نقوي سان ملاقات،انتظامن تي اعتماد
28 سال اڳ بابا جو رت وهائڻ لاءِ 7 ڄڻن کي ڇڏيو ويو،جونئير ذوالفقار
گورنر سنڌ 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪي روانو
سپريم ڪورٽ ترميمي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس منظور
اسپيڪر خط،پارٽي پوزيشن تبديل، پي ٽي آءِ ميمبر سني اتحاد جو حصو
پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ واري درخواست رد
جج عمران خان کي جلد سزا ڏيڻ ٿو چاهي: عليمه خان
اليڪشن ڪمشنر سنڌ سميت 3 آفيسر نااهلي ۽ بدانتظامي تي معطل
اڄ کان ڪهڙن نالن وارن لاءِ سٺو وقت شروع ٿيندو؟