راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد جو اوپن ٽرائل جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته مان جنرل فيض حميد جي اوپن ٽرائل جو مطالبو ڪريان ٿو، ميڊيا کي اوپن ٽرائل جي ڪوريج تائين رسائي ڏني وڃي.عمران خان چيو ته فيض حميد جي اوپن ٽرائل سان ملڪ کي فائدو ٿيندو ۽ پاڪستان ترقي ڪندو.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد کي فوج جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ سندس خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.ان حوالي سان پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو هو ته فيض حميد جي گرفتاري کان ڊڄڻ وارو ناهيان، اهو فوج جو اندروني معاملو آهي.ان حوالي سان هڪ ٻئي بيان ۾ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين چيو ته فيض حميد جو ڊرامو رچايو پيو وڃي، فيض حميد جو بيان قلمبند ڪري مون کي فوجي عدالت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
پي ٽي آءِ کي مينار پاڪستان بدران ٻئي هنڌ تي جلسي جي اجازت
پارليمنٽ عوام بدران طاقتور جي خدمت ڪري پئي: فضل الرحمان
ججز ڪميٽي مان جسٽس منيب آئوٽ،جسٽس امين اِن،هم خيال جو تاثر وڌڻ لڳو
ڪراچي مان بين الصوبائي منشيات ڊيلر پيءُ ۽ ڌيءُ گرفتار
تمام جلد واٽس ايپ تبديل ٿي ويندو
عدالتي فيصلي تي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن، ڪي پي اسپيڪر
سنڌ جا 19 هزار 808 اسڪول برساتن سبب متاثر ، 7,503 مڪمل تباهه
شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي
وزيرستان ۾ جھڙپ، 12 خوارج مارجي ويا، 6 جوان شهيد
پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سميت 8 ڄڻا شهيد
صدر جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح،فوري لاڳو
آرڊيننس تحت ججز ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي: تارڙ
پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر
پي ٽي آءِ جلسو، ڊي سي جي لاهور پوليس کان رپورٽ طلب
ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي
شهرين جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي: عدالت
اسٽاڪ مارڪيٽ 82 هزار جي تاريخي حد پار ڪري ورتي
آءِ سي سي وفد جي نقوي سان ملاقات،انتظامن تي اعتماد
28 سال اڳ بابا جو رت وهائڻ لاءِ 7 ڄڻن کي ڇڏيو ويو،جونئير ذوالفقار
گورنر سنڌ 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪي روانو