حافظ قرآن آهيان، ان ڪري والد شوبز ۾ اچڻ کان منع ڪئي: لائبه خان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪاره لائبا خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن 9 سالن جي عمر ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيو هو.اداڪارا لائبا خان جو هڪ انٽرويو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هن انڪشاف ڪيو ته مان حافظ قرآن آهيان، مون پنهنجي والدين جي خواهش تي 7 سالن جي عمر ۾ حفظ شروع ڪيو ۽ 9 سالن جي عمر ۾ مڪمل ڪيو. لائبا جو چوڻ هو ته ”مون کي ننڍپڻ ۾ حفظ ڪرڻ جي خواهش نه هئي پر مون پنهنجي ماءُ جي خواهش تي حفظ ڪيو ۽ جڏهن مون قرآن پاڪ پڙهڻ شروع ڪيو ته مان متاثر ٿيس ڇاڪاڻ ته منهنجو حافظو تمام سٺو آهي ان ڪري مون 2 سالن ۾ حفظ مڪمل ڪيو. ”

پهنجو تبصرو موڪليو