بيروت(ويب ڊيسڪ) لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله پنهنجي ڪمانڊر فواد شاڪر جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ رات دير سان اسرائيل تي 320 راڪيٽ ۽ 100 کان وڌيڪ ڌماڪيدار ڊرون فائر ڪيا.الجزيره نيوز موجب حزب الله اتر اسرائيل جي مختلف شهرن تي ڊرونز ۽ راڪيٽن سان حملا ڪيا، حزب الله پنهنجي حملي ۾ اسرائيلي فوجي تنصيبات ۽ آئرن ڊوم دفاعي نظام کي نشانو بڻايو.حزب الله طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان پنهنجي ڪمانڊر فواد شاڪر جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ اسرائيل تي 320 راڪيٽ فائر ڪيا ۽ اهو اسان جي انتقام جو پهريون مرحلو آهي، جيڪو هاڻي مڪمل ٿي چڪو آهي. حزب الله جي حملي کان پوء، تل ابيب ڏانهن ۽ سڀني پروازن کي معطل ڪيو ويو، پر هاڻي بحال ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف حزب الله جي حملن کانپوءِ اسرائيل ۾ ايندڙ 48 ڪلاڪن لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.حزب الله جي حملن جي جواب ۾ اسرائيلي جنگي جهازن به لبنان تي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته اسرائيلي فوج به دعويٰ ڪئي آهي ته اسان جي هوائي فوج جي 100 جنگي جهازن اڳ ۾ ئي حزب الله جي راڪيٽ لانچر سائيٽن تي حملا ڪيا، هزارين راڪيٽ کي حزب الله جي حملي کان اڳ ئي تباهه ڪري ڇڏيو .
سنڌ جي 13 ڌاڙيلن جي سرن تي لکين روپيا انعام جي سفارش
لبنان ۾ پيجر ڌماڪا 8 فوت هزارين زخمي، 200 جي حالت نازڪ
جن ترميمن تي اتفاق راءِ ٿيو اهي آڪٽوبر ۾ منظور ٿينديون، راڻا
تعليم هر فرد جو حق آهي، فراهمي رياست جي ذميواري آهي: ڊار
ڪراچي ۾ روڊن جا مسئلا آهن، شهرين کي تڪليف آهي: شرجيل ميمڻ
جمهوري قوتن ن ليگ جي عزائم کي بي نقاب ڪري ڇڏيو: ظاهر
صابڻ ۾ منشيات لڪائي سعودي عرب اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام
مان پنهنجي اولاد جي لاءِ ملڪيت نه ٿو چاهيان: هارون شاهد
سنڌيار سکر 17 سيپٽمبر 2024ع
جشن ميلاد النبي ﷺ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي
اڄ پاڪستان جي خوشحالي، ترقي ۽ امن لاءِ دعا ڪرڻ گهرجي
جيڪو عاشق رسول ناهي اهو ڪجهه به ناهي، گورنر سنڌ
وڌيڪ اتفاق راءِ پيدا ڪري قانون سازي کي اڳتي وڌايو ويندو
جان باس، پاڪستان ۾ اقتصادي، سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهه ڪئي، ملر
الله تعاليٰ مون کي سهڻي ڌيءَ سان نوازيو، ماهور شهزاد
سمورن نبين سڳورن جو امام محمد بن عبدالله صلي الله عليه وسلم
سيڪيورٽي ۾ غفلت، ڊي سي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد عهدن تان برطرف
بلاول ڀٽو جي مولانا سان ملاقات، ڪجهه آئيني ترميمن تي اتفاق
ارسا قانون ۾ ترميمن خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو: راشدي
ڪارساز حادثي جي جوابدار عورت جي درخواست ضمانت تي ڌريون طلب