اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بجلي جي بلن ۽ ٽيڪسن جي واڌ خلاف واپاري تنظيمن پاران اڄ سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪئي پئي وڃي.واپاري تنظيمن جي هڙتال سبب ڪراچي کان خيبر تائين ڪاروباري مرڪز بند آهن ۽ هڙتال سبب مختلف شهرن ۾ اسڪول به بند آهن.جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ سميت ملڪ جي مختلف سياسي پارٽين هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، احتجاج کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد انتظاميا ريڊ زون ڏانهن ويندڙ رستا ڪنٽينر رکي بند ڪري ڇڏيا آهن.لاهور جون واپاري تنظيمون هڙتال جي معاملي تي ٻن ڌڙن ۾ ورهايل آهن، هڪ گروهه هڙتال جي حق ۾ آهي جڏهن ته ٻيو گروپ هڙتال جي خلاف آهي.صدر انجمن تاجران ڪراچي جاويد شمس جو چوڻ آهي ته سياسي قيادت ناڪام ٿي وئي آهي، 28 آگسٽ تي مڪمل هڙتال ڪئي ويندي.آل پاڪستان انجمن تاجران سنڌ جي صدر اڄ مڪمل شٽر ڊائون هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ اڄ ڪاروبار بند رهندو، ٽيڪسن ۽ بجلي جي بلن ۾ واڌ کي رد ڪندي.هن وڌيڪ چيو ته حڪمران طبقو واپارين ۽ عوام کان جيئڻ جو حق کسڻ چاهي ٿو، واپاري دوست اسڪيم موجوده شڪل ۾ قبول ناهي.ڪراچي اليڪٽرڪ ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر محمد رضوان چيو ته ڪراچي کان خيبر تائين سموريون واپاري تنظيمون هڙتال ۾ شامل آهن، جيڪڏهن مسئلا حل نه ٿيا ته هڙتال جو دائرو وڌي سگهي ٿو.آل ڪراچي ٽريڊرز يونين جي صدر عتيق مير چيو آهي ته هي واپارين جي نه پر شهرين جي هڙتال آهي، مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو پريشان آهي.پشاور ۾ به واپارين پاران مختلف بازارون بند رکيون ويون آهن ۽ واپاري اتحادين مطالبو ڪيو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ واپس ورتي وڃي، ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪئي وڃي.
اسٽاڪ مارڪيٽ 82 هزار جي تاريخي حد پار ڪري ورتي
اليڪشن ڪمشنر سنڌ سميت 3 آفيسر نااهلي ۽ بدانتظامي تي معطل
اڄ کان ڪهڙن نالن وارن لاءِ سٺو وقت شروع ٿيندو؟
انڊسٽري ۾ منهنجا وار مسئلو بڻيل آهن: اداڪارا نعيما بٽ
شھيد مير مرتضى ڀٽي جو قتل ڪيس رولڙي جو شڪار
سنڌيار ڪراچي 20 سپيٽمبر 2024ع
سنڌيار سکر 20 سپيٽمبر 2024ع
ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف اسمبليءَ رٿ منظور ڪري واضح موقف ڏنو
ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اسپيڪر جو ڪميشن کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو