اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته جيڪڏهن فيض حميد جي معاملي ۾ عمران خان جو ملوث هجڻ ثابت ٿئي ٿو ته عمران خان جي ملٽري ٽرائل لاءِ پنجاب يا وفاقي حڪومت کان ڪنهن به قسم جي اجازت جي ضرورت نه آهي. نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي هن چيو ته آرمي ايڪٽ جي تحت انڪوائري بورڊ کي انهي کان اڳ ئي قانوني اجازت مليل آهي، هن چيو ته جيستائين پي ٽي آءِ پاڻ کي 9 مئي واقعن کان ڌار نٿي ڪري تيستائين مون کي نٿو لڳي ته انتظاميه پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏيندي. انهي کان اڳ وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ وفاقي وزير راڻا ثناءُالله چيو ته مون کي مستقبل ۾ پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي ضمانت ٿيندي نظر نه پئي اچي. عمران خان هٺ ڌرمي، ضد ۽ ڪوڙي انا تي ڄميل آهي. هن چيو ته 9 مئي واقعن تي پي ٽي آءِ باني مڃي ته انهي کان غلطي ٿي، پي ٽي آءِ باني پنهنجي غلطي نٿو مڃي صرف ايترو چوي ٿو ته مون کان معافي گهري وڃي.
شھيد مير مرتضى ڀٽي جو قتل ڪيس رولڙي جو شڪار
سنڌيار ڪراچي 20 سپيٽمبر 2024ع
سنڌيار سکر 20 سپيٽمبر 2024ع
ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف اسمبليءَ رٿ منظور ڪري واضح موقف ڏنو
ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي