اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزارت موجب هڪ سال دوران پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ هڪ ارب 59 ڪروڙ 80 لک ڊالر جو اضافو ٿيو آهي. ناڻي واري وزارت جي رپورٽ موجب هڪ سال دوران هڪ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ 21 رپيا 13 پيسا واڌ ٿي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ 1 ارب 53 ڪروڙ 30 لک ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن جي ذخيرن ۾ 68 ڪروڙ ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 14 ارب 77 ڪروڙ 60 لک ڊالر تائين پهچي ويا آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف جي نئين قرض پروگرام جي منظوري کانپوءِ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا ۽ رپئي جي قدر ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.ناڻي واري وزارت موجب اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 9 ارب 40 ڪروڙ 30 لک ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 5 ارب 37 ڪروڙ 30 لک ڊالر جا ذخيرا آهن. ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته هڪ سال اڳ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 13 ارب 17 ڪروڙ 80 لک ڊالر هئا، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ 7 ارب 87 ڪروڙ 30 لک ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 5 ارب 30 ڪروڙ ڊالر هئا.رپورٽ موجب هڪ ڊالر جي قيمت 278 رپيا 51 پئسا ٿي وئي آهي، جڏهن ته هڪ سال اڳ هڪ ڊالر جي قيمت 299 رپيا 51 پئسا هئي.
ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت،دشمن جي ڪاروائي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهجي
ڀارتي ٽيم جو پاڪستان جي دوري کان انڪار، آءِ سي سي کي آگاهي
چاهيون ٿا عوام سياري ۾ گيس جي جڳهه بجلي استعمال ڪري: لغاري
پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ڪاميابي نه ملي، ڀُڳڙن جي مٺ تي نه ڏينداسين
ڪئنال اڏڻ واري منصوبي کي رد ڪريون ٿا: ڊاڪٽر قادر مگسي
سنڌ مان ٽارگيٽ کان 22 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس وصول ٿي آهي، شاهه
آريان خان پيءُ جي سڀ کان وڏي خوبي ٻڌائي ڇڏي، انٽرويو وائرل
ڪوئٽا ريلوي اسٽيشن تي آپگهاتي حملو 27 شهيد 62 کان مٿي زخمي
ڪوئٽه ڌماڪو: وزيراعظم،گهرو وزير،بلاول سميت ٻين پاران مذمت
سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران سائنٽيفڪ پينل قائم ڪرڻ جو فيصلو
حسن نظاماڻي قتل جو هڪ جوابدار مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
مديجي ۾ ٽرڪ ۽ ايمبولنس ۾ ٽڪر ، ڊرائيور فوت
تلهار ۾ نوجوان گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪري ڇڏيو
ڦر مزاحمت تي هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو زخمي،موٽر سائيڪل ڦر
شهري کي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ تي اهلڪارن مٿان ڪيس داخلي جو حڪم
اقبال جو اهو خواب هيو جنهن ۾ انصاف، برابري ۽ بنيادي قدر هجن
اقبال جو فڪر ۽ فلسفو خوشحال معاشري لاءِ مشعل راهه آهي
قطر، حماس وفد کي ملڪ بدر ڪري، آمريڪا جو مطالبو
پاڪستاني پاسپورٽ فيس۾ واڌ، نئون شيڊول جاري
لسٻيلا ۾ ڪوچ ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا فوت