اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي تي ڪو به اعتراض ناهي. ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته بي آءِ ايس پي ذريعي مستحق طبقي کي سبسڊي ڏئي سگهجي ٿي.ناڻي واري وزير جو چوڻ آهي ته هن هفتي وڏن وزيرن سان ڳالهيون ٿينديون، سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي پاليسي لاڳو ڪئي ويندي، وفاقي ناڻي وارو سيڪريٽري صوبائي سيڪريٽري سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو.هن چيو ته هڪ ئي مهيني ۾ صوبن سان گڏجي قومي مالياتي معاهدو تيار ڪيو ويندو، پرڏيهي فنانسنگ ۾ 2 ارب جو خال آهي، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطح تي ڳالهيون جاري آهن. محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته ڪمرشل قرضن لاءِ معاهدو ٿيڻ ضروري آهي، قرض جاري ڪرڻ جي ضرورت ناهي.قرض رول اوور لاءِ ڳالهيون آخري مرحلن ۾ آهن ۽ مثبت طور تي اڳتي وڌي رهيو آهي. دوست ملڪن جا لاڳاپيل ادارا جلد پنهنجي حڪومتن کي ان بابت آگاهه ڪندا.وفاقي وزير چيو ته ايف بي آر جو ٽيڪس وصولي جو هدف ڊجيٽلائيزيشن ۽ انفورسمينٽ ذريعي پورو ڪيو ويندو. ود هولڊنگ ٽيڪس وڌائڻ جي في الحال ڪا تجويز غور هيٺ ناهي، واپارين تي لاڳو ٽيڪس واپس وٺڻ جو مطلب اهو آهي ته پگهاردار، پيداواري شعبي کان ٽيڪس ورتو وڃي، ائين نٿو ٿي سگهي.هنن چيو ته واپارين کي هر سهولت ڏينداسين، سندن جائز مطالبا مڃينداسين، سماج جي هر شعبي کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، ان کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.
ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف اسمبليءَ رٿ منظور ڪري واضح موقف ڏنو
ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي
جسٽس جهانگيري جي تبديلي وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم رد
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم
گوگل جو اي آئي تصويرن جي سڃاڻپ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف