برمنگهم ۾ مقرر جنرل باجوا جي ڀاءُ جي ڪوڙ ڊگري تي نوڪري ختم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)برمنگهم ۾ مقرر پي آءِ اي جي ڊپٽي اسٽيشن مئنيجر اقبال جاويد باجوا جي ملازمت ختم ڪئي وئي،برمنگهم ۾ مقرر پي آءِ اي جي ڊپٽي اسٽيشن مئنيجر اقبال جاويد باجوه جي ملازمت ختم ڪئي وئي آهي،پي آءِ اي ترجمان موجب لاهور بورڊ مان ايف اي سرٽيفڪيٽ جعلي ثابت ٿيڻ تي اقبال جاويد باجوا استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، برطانيه ۾ پي آءِ اي جي ڊپٽي اسٽيشن مئنيجر اقبال جاويد باجوا استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي،پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته اقبال جاويد باجوه کي 30 جولاءِ تي پي آءِ اي جي فنانس مئنيجر برمنگهم طرفان شو ڊائون ڪيو ويو هو،ذريعن موجب اقبال جاويد باجوا 1977ع ۾ پي آءِ اي راولپنڊي آفيس ۾ نوڪري حاصل ڪئي ۽ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ برطانوي شهريت ورتي،ذريعن جو چوڻ آهي ته اقبال جاويد باجوا برطانوي شهريت حاصل ڪندي ئي پي آءِ اي ۾ نوڪري تبديل ڪري ڇڏي،ذريعن جو چوڻ آهي ته اقبال جاويد باجوا اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا جو ڀاءُ آهي

پهنجو تبصرو موڪليو