يوم دفاع جي موقعي تي صدر ۽ وزيراعظم جا پيغام

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)6 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ يوم دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو پوري جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هي ڏينهن اسان کي ملڪ جي خودمختياري جي دفاع لاءِ غير متزلزل قومي عزم جي ياد ڏياري ٿو.صدر آصف علي زرداري چيو ته هٿياربند فوج قومي خودمختياري، قومي سالميت کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، خطي ۾ پائيدار امن ڪشميري عوام جي ڏکيائين جي حل سان ئي ممڪن آهي.يوم دفاع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هٿياربند فوج جي عظيم سپاهين 6 سيپٽمبر 1965ع تي حملي آور دشمن کي شڪست ڏني.هن چيو ته ڪشمير مسئلي جو حل نه ٿيڻ خطي ۾ امن ۽ ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي، ڪشمير جي ورهاڱي برصغير جو نامڪمل ايجنڊا آهي جنهن کي ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو