اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)صدر آصف علي زرداري ڇنڇر تي اسلام آباد ۾ جلسن جلوسن بابت قانون تي صحيح ڪري ڇڏي آهي ۽ اڄ کان هي قانون لاڳو ٿي ويو آهي. هي بل جمعي تي قومي ااسمبلي مان منظور ڪرايو ويو هو. ايوان بالا سينيٽ اڳ م هي بل منظور ڪيو هو. اسلام آباد ۾ عوامي ميڙاڪن منعقد ڪرڻ ۽ خلاف ورزي ڪرڻ تي 3 کان 10 سالن جي سزا وارو قانون عمل ۾ اچي ويو آهي. هن قانون جو عنوان “پرامن اسيمبلي ۽ پبلڪ آرڊر ايڪٽ، 2024” آهي. غير مجاز عوامي ميٽنگ ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن کي 3 سال جيل جي سزا ملندي جڏهن ته اهڙين گڏجاڻين دوران ڪو به ڏوهه ڪندڙ کي 10 سال قيد جي سزا ڏني ويندي. بل ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت سنگجاني، اسلام آباد جي ڀرپاسي يا ڪنهن ٻئي هنڌ کي گڏجاڻين لاءِ نامزد ڪندي، جنهن کانپوءِ گزيٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. اسلام آباد م سياسي جلسو يا جلوس منعقد ڪرڻ لاءِ واسطيدار ڌر جو رابطا ڪار ذميوار اجازت لاءِ 7 ڏينهن اڳ ڊي سي کي درخواست ڏيندو، ڊي سي جي فيصلي خلاف ڪمشنر وٽ اپيل ڪري سگهبي ۽ ان جي فيصلي خلاف نطر ثاني جي درخواست گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي ڏني ويندي. جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جو سبب لکت ۾ ڏنو ويندو ۽ متاثره ڌار کي 15 ڏينهن ۾ اپيل جو حق هوندو. مئجسٽريٽ کي ڪنهن به وقت اجازت رد ڪرڻ ۽ جلسي تي پابندي جو اختيار هوندو. ياد رهي ته هي بل تڪڙ ۾ بظاهر پي ٽي اءِ جي جلسن کي روڪڻ لاءِ آندو ويو آهي. پي ٽي آءِ آچر تي جلسي جو اعلان ڪري چڪي آهي مويشي منڊي واري گرائونڊ ۾ اسٽيج جي تياري سميت سرگرميون جاري آهن.
سياست جو حقيقي مفهوم ۽ اسان جي ملڪ جي سياست
سنڌيار سکر 19 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 19 سيپٽمبر 2024ع
فوڊ اٿارٽي جون ڪاروايون،466 ڇاپن دوران دڪان،بيڪريون سيل ،ڏنڊ
نمبر پليٽس جي لاءِ آن لائن ٻولي ڏيڻ وارو عمل جلد شروع ڪيو ويندو
بلاول سان پ پ لائرز فورم جي ملاقات،آئيني ترميمن بابت بحث
آئيني ترميم تي حڪومت جو تيار ڪيل مسودو مڪمل طور تي رد ڪيو
190 ملين پائونڊ ڪيس، ٽرائل ڪورٽ کي حتمي فيصلو نه ٻڌائڻ جو حڪم
جي يو آءِ انٽرا پارٽي ڪيس، 2 مهينن جو وقت گهرڻ تي فيصلو محفوظ
سي ٽي ڊي مقابلو، 3 دهشتگرد پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا
جماعت اسلامي پاران 50 رپيا في لٽر پيٽرول گهٽ ڪرڻ جي گهر
واهي پانڌي ۾ ٻن ڌرين جي فائرنگ، عورت قتل، لاش رکي ڌرڻو
آرمي چيف ۽ ججز جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي
سينيٽ مڪمل ناهي، ترميمون ڪيئن منظور ٿينديون؟ خان
ڪراچي جي روڊن جي مرمت لاءِ اڍائي ارب رپين جي منظوري
سيڪيورٽي مسئلو آهي ته ڪراچي ۾ جلسن تي پابندي لڳايو
لاهور جلسي جون تياريون جاري آهن: گنڊاپور
پنجاب واسين سان دوکو،سنگل فيز ميٽر وارن کي بجلي رعايت ملڻ لڳي
پاڪستاني بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت نه ڪنداسين: آمريڪا
ايڪسچينج ۾ تيزي، انڊيڪس ۾ 542 پوائنٽس جو اضافو