سپريم ڪورٽ مان لکين رپين جا ڪمپيوٽر چوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مان لکين رپين جا 2 ڪمپيوٽر سسٽم چوري ٿي ويا.ڊائريڪٽر جي آءِ ٽي جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ٿاڻي تي ڪمپيوٽر سسٽم چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپيوٽرن کي ٽين منزل تي ڪمري ۾ منتقل ڪيو ويو جتان اهي چوري ڪيا ويا، سينيئر ڊائريڪٽر نيٽ ورڪ جو چوڻ آهي ته 2 نوان ڪمپيوٽر اتي نه هئا.ايف آءِ آر موجب نون ڪمپيوٽرن ۾ سي پي يو ۽ ايل سي ڊي شامل آهن، سي سي ٽي وي ۾ 2 ملازم فيصل ۽ زاهد کي شڪي حرڪتون ڪندي ڏٺو ويو، چوري ٿيل ٻنهي ڪمپيوٽرن جي قيمت 6 لک رپيا آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو