حڪومت سپريم ڪورٽ کان ڊيمز فنڊز جي رقم گهري ورتي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار سپريم ڪورٽ کان ڊيمز فنڊز جي رقم گهري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ديامر، ڀاشا ۽ مهمند ڊيمز فنڊز ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان ٻڌايو ته اسان هڪ گڏيل درخواست داخل ڪئي آهي. ڊيمز فنڊ جا پئسا وفاق ۽ واپڊا کي ڏنا وڃن. سپريم ڪورٽ جي نگراني ۾ اسٽيٽ بينڪ اڪائونٽ کوليو هو.چيف جسٽس پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته ڊيمز فنڊز ۾ ڪيترا پئسا آهن اهو ڪيس ڪيئن شروع ٿيو؟ واپڊا جي وڪيل سعد رسول جواب ڏنو ته تقريبن 20 ارب روپيه ڊيمز فنڊز ۾ موجود آهن. سپريم ڪورٽ واپڊا جي ٻڌڻي هيٺ ڪيس جي دوران 2018 ۾ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو. سپريم ڪورٽ ڊيمز فنڊ واري ڪيس ۾ 17 ٻڌڻيون ڪيون.چيف جسٽس پچيو ته واپڊا جا ٻيا به ڪيترائي منصوبا هوندا، ڇا سپريم ڪورٽ واپڊا جي هر منصوبي جي نگراني ڪندي آهي. واپڊا جي وڪيل ٻڌايو ته ڊيمز فنڊز جي تعمير جي تي پرائيويٽ ڌرين جي وچ ۾ تڪرار هو. سپريم ڪورٽ پرائيوِيٽ ڌرين جي تڪرار بابت عدالتن جي بجاءِ ڪيس پاڻ وٽ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا، اسان جي استدعا آهي ته پرائيويٽ ڌرين جي تڪرار بابت ڪيس لاڳاپيل عدالتي فورمز تي ئي هلايا وڃن. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جو لاڳاپيل رڪارڊ طلب ڪندي ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو