پارليامينٽ هائوس مان گرفتاري، پي ٽي آءِ اڳواڻن جو جسماني رمانڊ رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پارليامينٽ هائوس مان گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻن جو 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ رد ڪري ڇڏيو.پي ٽي آءِ جي جلسي کانپوءِ داخل ڪيس، پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري ۽ جسماني رمانڊ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس تمن رفعت امتياز ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته مون ڏٺو ته جسماني رمانڊ جا سمورا حڪم هڪ جهڙا آهن. اسٽيٽ ڪائونسل جواب ڏئي ته ڇا ٿيو جو 8، 8 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو. هي هڪ بي مثال عمل آهي. اسان کي ڏسڻو آهي ته آخر ڇا ٿيو جو 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو ويو،پراسيڪيوٽر جنرل ايف آءِ آر پڙهي ٻڌائي.جنهن تي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته هن ايف آءِ آر جو ليکڪ به دلچسپ آهي. ان جو ڪريڊٽ ان ڳالهه جو آهي ته ڪافي عرصي کان پوءِ هڪ سٺي ڪاميڊي ڏسڻ جو موقعو مليو.هي ايف آءِ آر جنهن به لکي سٺي ڪاميڊي لکي آهي، شعيب شاهين تي پستول رکي وئي،مان شعيب شاهين کي نٿو سڃاڻان؟،گوهر خان جو چيئي رهيا آهيو ته پستول مليو، توهان ۽ مان گوهر کي نٿا سڃاڻون؟،توهان ڪاميڊي پڙهيا آهيو، هاڻي انهن مان ڇا برآمد ڪندو؟،پراسيڪيوٽر جنرل اسلام آباد چيو ته شعيب شاهين وٽان ڏنڊو هٿ ڪيو ويو آهي.جنهن تي چيف جسٽس اسلام آباد عامر فاروق به پاڻ ئي کل نڪري وئي۽ عدالت ۾ به ٽهڪ مچي ويا،پراسيڪيوٽر جنرل اسلام آباد چيو ته شير افضل مروت وٽان هڪ پستول هٿ ڪيو ويو آهي. جنهن تي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته چار ڏينهن ٿي ويا آهن. توهان اهو ڪيو آهي جيڪو توهان کي ڪرڻو هو،8 ڏينهن جو رمانڊ ڇو ڏنو ويو؟ 2 ڏينهن جو ڏنو وڃي ها، حراست ڏني ويندي آهي پر آخري تحويل عدالت جي هوندي آهي،ان ڪيس ۾ الزام کل جوڳا آهن ۽ 8 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته الزام کي سچ مڃيو به وڃي ته ان لاءِ به هڪ طريقيڪار موجود آهي. جنهن ڪهاڻيءَ کي ٺاهيو آهي، اها اهڙي لذيذ قسم جي ڪهاڻي آهي جنهن کي فلم بڻائي سگهجي ٿو. وڪيل قاضي عادل چيو ته وهاب الخيري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي. اسان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ضمانت لاءِ درخواست ڏني پر ٻڌڻي نه ٿي. جنهن تي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته اسان جي حڪم ۾ ضرور دير ٿي آهي،توهان کي رليف حاصل ڪرڻ لاء هاڻي مختصر حڪم ڪنداسين. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسيمبلي ميمبرن جي رمانڊ خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته مختصر حڪم ڪجهه دير کانپوءِ ڏنو ويندو.جنهن بعد عدالت پي ٽي آءِ ايم اين ايز جي 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو