پي ايف ايف 3 ميمبرن تان پابندي هٽائي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان فٽبال فيڊريشن (پي ايف ايف) جي اپيل ڪميٽي 3 ميمبرن تي لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي.اپيلن تي ٻڌڻي کانپوءِ اپيليٽ ڪميٽي ظاهر شاهه، راڻا اشرف ۽ نعمان خان جون اپيلون منظور ڪري ورتيون.اهڙي فيصلي کانپوءِ ظاهر شاهه، نعمان خان ۽ راڻا اشرف کي صوبائي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.ظاهر شاهه ڪي پي ڪي ۽ رانا اشرف پنجاب پراونشل ايسوسي ايشن جا اهم اميدوار آهن.واضح رهي ته انضباطي ڪميٽي گذريل مهيني ٽنهي ڄڻن تي تاحيات پابندي لڳائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو