پارليامينٽ جي توھين وارو قانون ڪيڏانھن ويو ؟

حامد مير
خواب ڏسڻ تي ڪو پابندي نٿو لڳائي سگھي.اڪثر ماڻهو ننڊ ۾ خواب ڏسندا آهن. اڄ ڪلھھ اسان جا ڪجهه سياستدان جاڳندي خواب ڏسندا آھن.خواب چڱا بھ ھوندا آھن ۽ ڏاڍا خراب بھ ھوندا آهن.
10 سيپٽمبر جي رات مون کي ڪجهه پارليامينٽ جي ميمبرن جي زباني انھن جا خواب ٻڌڻ جو موقعو مليو. اهي خواب اصل ۾ انهن جي تخيل جي اڏام هئي جنهن ۾ نفرت ۽ انتقام جا پاڇا نظر آيا پئي. اهي پارليامينٽ جا ميمبر قومي اسيمبلي ۾ ھڪ ٺھراءَ پيش ڪرڻ چاھين ٿا.جنھن ۾ ھلندڙ سال دوران پاڪستان جي مختلف شھرن ۾ ڏھن صحافين جي قتل جي مذمت ۽ قاتلن کي جلد ڪيفر ڪردار تائين پھچائڻ جو مطالبو ڪيو ويندو.
تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ اھي ميمبر ڏھن مقتول صحافين جا نالا قرارداد ۾ شامل ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ اھي نالا پڇڻ جي لاءِ مون وٽ تشريف کڻي آيا ھئا،ڇو تھ مون ڪجهھ ڏينھن اڳ پنهنجي پروگرام ۾ انھن مقتولن جو ذڪر ڪيو ھو.گفتگو دوران 10 سيپٽمبر جي صبح پارليامينٽ ھائوس جي اندر تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي گرفتاري جو ذڪر نڪتو.ھڪ نوجوان ايم اين اي ٻڌايو تھ جڏھن 9 سيپٽمبر واري شام مونکي خبر پئي تھ پوليس پارليامينٽ ھائوس جي گيٽ تي ناڪو لڳائي ڇڏيو آھي ۽ اسان کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آھي تھ مان آھستي آھستي گھمندو گيٽ طرف ھليو ويس.خبر پئي تھ ڪجهه دير اڳ شير افضل مروت کي گرفتار ڪيو ويو آھي. ڪنھن پوليس وارن کي مون بابت ٻڌايو تھ آئون بھ تحريڪ انصاف جو ايم اين اي آھيان.پر پوليس وارن مون کي نظرانداز ڪري ڇڏيو،ايم اين اي صاحب ڪافي حيران ٿيو تھ کيس ڇو گرفتار نھ پيو ڪيو وڃي.ھن پوليس وارن کان پڇيو تھ مون کي ڇو گرفتار نھ پيا ڪريو؟
پوليس آفيسر وڏي بي نيازي واري انداز ۾ چيو ته توهان شڪل مان ئي ايم اين اي نه پيا لڳو، ڇاڪاڻ ته ايم اين ايز جينس ۽ ٽي شرٽ پائي اجلاس ۾ نه ايندا آهن. اهو ٻڌي، ايم اين اي صاحب مسڪرايو ۽ آھستي آھستي ھلندو،پارليامينٽ هائوس جي گيٽ کان ٻاهر اچي ويو.ڪجهه دير شاهراهه دستور ي بيھي ڪري پار پارليامينٽ هائوس جي اڇي عمارت کي غور سان ڏسندو رھيو.کيس ياد آيو تھ عمار جي پيڙھ جو پٿر رکندڙ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاھي تي ٽنگيو ويو ھو،جيڪو 1973 جي آئين جو خالق پڻ ھو.ايم اين اي صاحب شاھراھ دستور پار ڪئي ۽ پيدل پارليامينٽ لاجز ڏانھن ھليو ويو.پارليامينٽ ۾ پھچي ڪري ھن وڏي وزير عليٰ امين گنڊاپور سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.جيئن تحريڪ انصاف جي گرفتار قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي آزادي جي لاءِ ڪا حمڪمت عملي جوڙي سگھجي.پر رابطو نھ ٿي سگھيو.ھن جو خيال ھو تھ پارليامينٽ ھائوس جي گيٽ تان اسميبلي جي ميمبرن جي گرفتارين جي خلاف پشاور کان اسلام آباد طرف لانگ مارچ جي ڪال ڏيڻ گھرجي.
اڃان ھو ان خيال سان دل وندرائي رھيو ھو جو گھڙي جي سوئين ھن کي 9 کان 10 سيپٽمبر ۾ پھچائي ڇڏيو.ڪجهه دير بعد ھن کي پارليامينٽ ھائوس جي اندران ھڪ ساٿي ايم اين اي،فون تي اطلاع ڏنو تھ ھو عمارت جي اندر ئي موجود آھي ۽ ڪجهھ نقاب پوش عمارت جي اندر داخل ٿي چڪاآھن. پارليامينٽ لاجز ۾ موجود ڪيترائي ايم اين اي،پنھنجي اپارٽمينٽس جي بالڪوني ۾ اچي ويا ۽ موبائل فون جي ڪئميرائن سان فلمون ٺاھڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا.پر ٻٽ ٻڌلن کي پارليامينٽ ھائوس جي عملي جي طرفان مڪمل تعاون فراھم ڪيو پئي ويو.ان تعاون جي نتيجي ۾ اچانڪ پارليامينٽ ھائوس جي عمارت جي اندر اونداھ ٿي وئي،پوءِ جيڪو بھ ٿيو اونداھي ۾ ٿيو ۽ ڪئميرائن انساني جسمن بدران ڪجهه ڪارا پاڇا ئي ڏسي سگھيون.
انھن ڪارن پاڇن 10 سيپٽمبر تي ھڪ نئين تاريخ ٺاهي. ڪارا پاڇا،پارليامينٽ جي ميبرن کي گھيلي پنھنجي ڪارين گاڏين تائين آندو ۽ صبح جي روشني ٿيڻ کان اڳ ئي اونداھي ۾ گم ٿي ويا.ان تاريخي ڪارروائي تي پارليامينٽ ھي ميمبرن جي اڪثريت رنجيدھ آھي.جيڪي ايم اين اي صاحبان منھنجي سامھون ويٺا ھئا.اھي رنج و الم جي حد پار ڪري انتقام جا خواب ڏسي رھيا ھئا.ھڪ ايم اين اي غضبناڪ انداز ۾ چيو تھ ياد رکجو !ڪڏھن اسان جو وقت بھ ايندو، اسان ھن حڪومت جي وزيرن سان نھ پر انھن جي خوشامدين سان پڻ پنھنجو حساب برابر نھ ڪنداسين بلڪھ اسان سان جيڪو ڪجهه ٿي رھيو آھي ان کان ڪجهه وڌيڪ ئي ڪنداسين.مون پڇيو ته ڇا مطلب آهي؟ هن چيو ته مڃيوسين تھ عمران خان جي دور ۾ مسلم ليگ ن وارن تي غلط ڪيس ٺھيا ۽ انھن کي جيلن ۾ وڌو ويو.
مسلم ليگ ن وارا بھ ايترو ئي ڪجهه ڪري وٺن ھا تھ حساب برابر ٿي وڃي ھا،پر انھن تھ اسان جي عورتن ۽ ٻارن کي بھ نھ بخشيو،بلڪھ اسان کي پارليامينٽ ھائوس جي اندر گھيلي گھيلي گرفتار ڪيو ويو.اسين هنن کي گهٽين ۾ گھلينداسين.مون گذارش ڪئي تھ توھان تھ بدلي جا خواب ڏسي رھيا آھيو ۽ وساري رھيا آھيو ته اسپيڪر اياز صادق پارليامينٽ هائوس جي اندران گرفتارين خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي،تحريڪ انصاف جي نوجوان ايم اين ايز جو خيال ھو ته اهي گرفتاريون پوليس نه پر نامعلوم ماڻهن ڪيون آهن، جيڪي سڀني کي معلوم آھن. انهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿيندي. ايم اين اي جو خيال ھو ته جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) وارن کي ڪنھن خراب انجام کان بچڻو آھي تھ پوءِ انهن کي سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪري 10 سيپٽمبر واري واقعي جي ذميوارن خلاف ٺوس ڪارروائي ڪرڻي پوندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ان ڪارروائي لاءِ اسلام آباد پوليس جي ڪا ضرورت ناهي.
گذريل سال قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ پاران پارليامينٽ جي توهين بابت ھڪ قانون پاس ڪيو هو، ان بل موجب پارليامينٽ جي ڪنھن ميمبر جي استحقاق مجروح ڪندڙ يا توهين ڪندڙ شخص کي گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهجي ٿي.
ان سزا جو فيصلو پارليامينٽ جي ھڪ خاص ڪميٽي ڪري سگهي ٿي. ان ڪميٽي ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جا نمائندا شامل هوندا. ڪميٽي پارليامينٽ جي توھين جي ڪنھن بھ جوابدار کي طلب ڪرڻ جا اختيار رکي ٿي. ان ڪميٽي آڏو ڪوڙ ڳالھائڻ پڻ پارليامينٽ جي توهين سمجھيو ويندو.
ڪميٽي جي فيصلن تي ضلعي مئجسٽريٽ ذريعي عمل ڪرايو ويندو. ان ڪميٽي جي فيصلي خلاف اپيل بھ اسپيڪر يا سينٽ جو چيئرمين ٻڌندو.قانون موجود آهي ته پوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي 10 سيپٽمبر واري واقعي جي جاچ لاءِ پوليس کي تڪليف ڏيڻ جي ضرورت ناهي. پارليامينٽ جي توھين جي ڪارروائي لاءِ ڪميٽي ٺاهيو ۽ پنهنجي ٺاھيل قانون کي پاڻ آزمايو. هڪ ٻئي خلاف انتقام جا خواب ڏسڻ کان بهتر اهو آهي ته پاڪستان جو معتبر ترين قانون ساز ادارو پنهنجي ٺاهيل قانون تي عمل ڪرائي. 9 مئي 2023 جي واقعن جي ذميوارن کي به سزا ملڻ گهرجي ۽ 10 سيپٽمبر 2024 جي واقعن جي ذميوارن کي به سزا ملڻ گهرجي.
گذريل سال قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ پاران پارليامينٽ جي توهين بابت ھڪ قانون پاس ڪيو هو، ان بل موجب پارليامينٽ جي ڪنھن ميمبر جي استحقاق مجروح ڪندڙ يا توهين ڪندڙ شخص کي گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهجي ٿي.ان سزا جو فيصلو پارليامينٽ جي ھڪ خاص ڪميٽي ڪري سگهي ٿي. ان ڪميٽي ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جا نمائندا شامل هوندا. ڪميٽي پارليامينٽ جي توھين جي ڪنھن بھ جوابدار کي طلب ڪرڻ جا اختيار رکي ٿي. ان ڪميٽي آڏو ڪوڙ ڳالھائڻ پڻ پارليامينٽ جي توهين سمجھيو ويندو.ڪميٽي جي فيصلن تي ضلعي مئجسٽريٽ ذريعي عمل ڪرايو ويندو. ان ڪميٽي جي فيصلي خلاف اپيل بھ اسپيڪر يا سينٽ جو چيئرمين ٻڌندو.قانون موجود آهي ته پوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي 10 سيپٽمبر واري واقعي جي جاچ لاءِ پوليس کي تڪليف ڏيڻ جي ضرورت ناهي. پارليامينٽ جي توھين جي ڪارروائي لاءِ ڪميٽي ٺاهيو ۽ پنهنجي ٺاھيل قانون کي پاڻ آزمايو

پهنجو تبصرو موڪليو