ايسٽرولوجي الرٽ، ايندڙ 2 مهينا ڪنهن ڪنهن لاءِ ڏکيا هوندا؟

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناليواري ايسٽرولوجسٽ ڀڳوانداس جٽيا هندي جي لال ڪتاب آڌار تي پيشگوئي ڪئي آهي ته ’پ ۽ پي’ سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن جي نالن جي طالع ۾پاپ يعني نحس ستارو ڪيتو ۽ سج 16 سيپٽمبر 2024ع کان 15 نومبر 2024ع تائين رهندا. جڏهن ته سندن نالن جي ڏهين گهر ۾ ستارو مارس ( منگل ) به گڏ داخل رهندو. تنھن ڪري، اندروني ۽ بيروني مخالفتون، جذباتي پن جي ڪري ڪم ۾ رڪاوٽ، ڪاوڙ جو سبب صحت ۾ تڪليف جو امڪان آهي، خرچن ۾ اضافو ٿيندو ، ان عرصي ۾ کين بحٿ ۽ تڪرار کان پاسو ڪيو وڃي، صبر ۽ سمجھوتي کان ڪم ورتو وڃي. آچر جي ڏينهن غريبن کي ڪڻڪ جو دان ڏيڻ فائديمند رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو