علم ۽ غلامي

طفيل مگسي
انسان ماضيء جي تاريخ کان اهو سکيو آھي ته پراڻين سلطنتن ۽ رياستن جيئن روم و يونان ۾ غلامي جو نظام بنيادي حيثيت رکندو هو ۽ انهن سلطنتن جو بنياد غلاماڻي نظام تي هو ۽ اهي غلامن کان شديد نفرت ڪندا هئا.غلامن کي گهٽ سمجهڻ انهن جو معمول هو ۽ اهي غلامن سان لاڳاپيل سمرين شين کان نفرت ڪندا هئا.
مثلاهٿ سان محنت ڪرڻ کي نهايت ئي عيب سمجهندا هئا.ان جي ڀيٽ ۾ عقل ۽ ذھن جو استعمال انهن جي ويجهو نهايت ئي اهميت جي لائق هو.محنت و مزدوري کي اهي نهايت برو سمجهندا هئا.ٻين لفظن ۾َانهن جي ويجهو جيڪو علم ۽ عمل غلامن وٽ ھو.اهو سڀ بيڪار هو.صرف اهي ماڻھو جيڪي .مطالعو فلسفو ڪندا هئا.انهن کي ئي دنيا کي حقيقي معنائن ۾ سمجهڻ جو حق حاصل هو ۽ اهي ماڻھو عظيم سمجهيا ويندا هئا.
رسول الله(ص) جي غلامي واري نظام جي خلاف جدوجهد.
جڏھن اسان رسول الله(ص) جي زندگي مبارڪ تي ڳنظر وجهون ٿا ته هو غلامي واري نظام جي خلاف هو ۽ مديني پهچڻ کانپوء پاڻ(ص) مسجد جي تعمير ۾ پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪم ڪيو ۽ ھٿ جي محنت کي عيب نه سمجهائين.باوجود ان جي اصحابين چيو ته“يا رسول الله(ص) اوهان کي ايتري محنت جي ضرورت ناهي.“اوهان الله جا رسول آھيو“لصڪن رسول الله(ص) ڪڏھن هٿ جي ڪم ۽ مزدوري کي عيب قرار نه ڏنو.پاڻ(ص) عربي ثقافت کي بنيادي طور تي بدلائي ڇڏيو.پاڻ قبيلن جي ماڻھن جي غرور ۽ تڪبر جي مذمت ڪئي ۽ مزدورن جي حالت کي پسند ڪيائين.رسول الله(ص) سدائين محبت جي تعليم ڏني ۽ سادگي جي زندگي گذاري.هن ڪڏھن پنهنجي لاء دولت گڏ نه ڪئي.جيڪو مال و دولت موجود هئي.اها رياست جي ملڪيت يعني بيت المال هئي.انهيء سبب کان پاڻ(ص) سون نه پائيندا هئا ۽ سردارن ۽ باد شاهن جي نشانين کي نفرت جي نظر سان ڏسندا هئا.هڪ نهايت اهم قدم اهو ته رسول الله(ص) آذان ڏيڻ جي حضرت بلال (رض) جي چونڊ ڪئي.جيڪو هڪ غلام هو ۽ اها چونڊ ھڪ خاص انقلابي وک هئي.ڇاڪاڻ ته عرب ۾ قبائلي سردارن جا غلام اڪثر اوڀر افريقا.خاص طور تي حبشه کان آندا ويندا هئا.رسول الله(ص) جڏھن هڪ ڪاري حبشي کي آذان ڏيڻ جي لاء چونڊيو ته هن اهو چٽو پيغام ڏنو ته اسلام نسل پرستي کي پسند نٿو ڪري ۽ رنگ و نسل جي بنياد تي ظلم و بربريت کي رد ڪري ٿو.
اسلام ۾ علم.جي اهميت.
دين اسلام علم تي تمام.گهڻو زور ڏيئي ٿو.قرآن مجيد جي پهرين آيت(اقراء) جي نالي سان شروع ٿيئي ٿو يعني پڙھ ؛ پڙھ پنهنجي رب جي نانء سان .جنهن خوبصورت ڪائنات کي تخليق ڪيو ۽ جنهن انسان کي مٽيء منجهان ٺاهيو.پڙھ ۽ تنهنجو رب ڪريم وڏو مهربان آھي.جنهن علم جي وسيلي(انسان) کي لکڻ سيکاريو يعني لکڻَ.پڙھڻ ۽ سمجهڻ آسلام جي ويجهو نهايت ئي اهم عمل آھي.اسلام جي ويجهو علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آھي.ايستائين ته رسول الله(ص)پاڻ اها دعا گهرنسو هو ته “اي منهنجا رب“منهنجي علم ۾ وڌيڪ واڌارو فرماء.حديث شريف ۾ اچي ٿو ته جيڪو علم جي راه ۾ ڻڪري ٿو.ان جي لاء جنت جا دروازا کوليا وڃن ٿا.رسول الله( ص ) بار بار سوچڻ .سمجڻ.لکڻ ۽ پڙھڻ تي زور ڏنو آھي.
اسلام ۽ مسيحيت جي وچ ۾ رياستي قياست جو فرق.
اسلام ۽ مسيحيت ۾ ھڪ اهم فرق اهو آھي ته عيسي مسيح عليه السلام ڪڏھن ڪنهن مسيحي رياست جي قيادت نه ڪئي.عيسي عليه السلام جي تحريڪ کي رومني سلطنت ڇٿڻ جي ڪوشش ڪئي۽ اٽڪل ٽي سو سالن کانپوء مسيحيت رومي سلخنت تي غالب اچي ڪري هڪ مسيحي رياست قائم ڪئي.ان جي ڀيث ۾ اسلامي تحريڪ ۾ رسول الله ص) مڪي جي فتح کان اڳ مديني ۾ مسلمانن جي هڪ مضبوط رياست قائم ڪئي هئي ۽ اها رياست ئي هئي جنهن مڪي کي فتح ڪيو ۽ بعد ۾ سموري عرب مسلمانن کي ڪنٽرول ڪيو يعني رسول الله(ص) پنهنجي زندگي مبارڪ ۾ ئي هڪ مضبوط رياست جو بنياد رکيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو