ليڪ ٿيل ڊرافٽ موجب ان سان ڪو به اتفاق نٿو ڪري سگهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته ليڪ ٿيل ڊرافٽ موجب ڪو به ساڻس اتفاق نٿو ڪري سگهي.آئيني ترميم جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئيني ترميم جو مسودو اسان سان شيئر نه ڪيو ويو، اسان کي رڳو ڄاڻ ڏني وئي ۽ اسان ان تي غور ڪري رهيا آهيون.بئريسٽر گوهر علي خان جو چوڻ آهي ته اسان جو مطالبو هو ته ڊرافٽ ڏنو وڃي، پهريان ان کي ڏسنداسين ۽ بحث ڪنداسين، جيڪڏهن توهان وٽ ڊرافٽ ناهي ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه تي بحث ڪريون؟ هن چيو ته ان جو مطلب اهو آهي ته ججن کي جڏهن به چاهيو بدلي ڪري سگهجي ٿو، هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج کي ڪوئيٽا موڪلي ڇڏيندا ۽ جيڪڏهن نه ويندا ته استعيفيٰ ڏيندا.چيئرمين پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته ان طريقي سان عدليه تي وڏي پابندي هوندي، جنهن طريقي سان نئين عدالت ٺاهي پئي وڃي ان ۾ سپريم ڪورٽ جا سمورا اختيار کسي ويندا.بئريسٽر گوهر اهو به چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته اهي آئيني ترميمون آهن، اها رڳو غلط فهمي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو