تجويز ڪيل آئيني ترميم پيش نه ٿيون، سينيٽ اجلاس ملتوي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينيٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خان جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيو، جنهن ۾ سينيٽر مولانا عطا الرحمان قاديانين کي غير مسلم قرار ڏيڻ واري قرارداد پيش ڪئي.قرارداد جي متن موجب 7 سيپٽمبر 1974ع جو ڏينهن نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ تاريخي هو، ان ڏينهن تي مسلمانن جي هڪ ڊگهي جدوجهد ڪامياب ٿي.قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سينيٽ حڪومت کي سفارش ڪري ته اهو ڏينهن سرڪاري سطح تي ملهايو وڃي ۽ قاديانين کي غير مسلم قرار ڏئي قومي موڪل جو ڏينهن بڻايو وڃي.ان کانپوءِ سينيٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو ياد رهي ته تجويز ڪيل آئيني ترميم بابت سينيٽ جو اجلاس اڄ 12:30 وڳي طلب ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو