ڪوئيٽا: پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ووٽنگ جو حڪم

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)اليڪشن ٽربيونل بلوچستان ڪوئيٽا جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس عبدالله بلوچ تي ٻڌل ٽربيونل چونڊ ڌانڌلي بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.ياد رهي ته پ پ ميمبر علي مدد جتڪ جي فتح کي جميعت علماءِ اسلام ف جي مير عثمان چيلينج ڪيو هو.اليڪشن ٽربيونل علي مدد جتڪ جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ ختم ڪرڻ ۽ کانئس وزارت جو قلمدان واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو